بڪيون

بڪيون

بڪيون

بُڪيون: انساني جسم ۾ چؤنرن جي ٻج وانگي کاڄي جي داڻي جهڙا ٻه ڳاڙها عضوا ٿين. هنن جي ڊيگهه اٽڪل ساڍا چار انچ ٿيندي آهي. پاسراٽين جي هيٺان، پٺيءَ جي ڪنڊي جي ڀرسان هونديون آهن. پيشاب جي ٺاهڻ ۽ ٻاهر نيڻ هن عضوي جو ڪم هوندو آهي. پيشاب اندروني حصي جي نلين ۾ جمع ٿي مثاني ۾ پهچندو آهي. هن 300 گرام عضوي جو وزن، پيدائش جي وقت 24 گرام ۽ هڪ سال جي ٻار جي بُڪيءَ جو وزن 66 گرام هوندو آهي. جسم جي خراب مادن کي رت جي ذريعي بڪيون ئي صاف ڪنديون آهن ۽ اهو پيشاب جي ذريعي خارج ٿيندو آهي. هن جي ڪارڪردگيءَ جي لاءِ 40 سينٽي گريڊ گرمي گهربل هوندي آهي. جيڪڏهن هن کي ٿڌو رکيو وڃي ته فلٽر جي فعل ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انسان مناسب غذا استعمال ڪري .
رت ۾ مختلف نمڪيات ۽ ٻين شين جو هڪ مقرر تناسب هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ گهٽ وڌائي ٿي ويندي آهي. اصل ۾ بڪين جو ڪم اهو آهي جو هو رت مان بيڪار مادن ۽ نمڪيات وغيره جي ضرورت کان وڌيڪ مقدار کي خارج ڪن ٿيون، جيئن نمڪيات جو تناسب صحيح رهي. بڪين جي بيماريءَ ۾، پٿري، ورم ۽ ڪينسر شامل آهي. بڪين جي بيمارين جو پتو لڳائڻ لاءِ ايڪسري، پيشاب ۽ رت ٽيسٽ اهم ذريعو آهن. ان کان علاوه جوهري طب کان به اهو ڪم ورتو ويندو آهي. بڪين جي فعل جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحبان رينو گرام (Reno gram) تيار ڪندا آهن. ان ٽيسٽ ۾ مريض جي ٻنهي گردن تي ريڊيائي شعائون معلوم ڪرڻ وارن ٻن حساس آلن کي رکيو ويندو آهي. هاڻي هر ملڪ ۾ گردن جي تبديلي (Kidney Transplant) جو ڪم هلي رهيو آهي .
جانورن جون بُڪيون: جانورن ۾ بُڪيون يا گُردا ٻه هوندا آهن. هڪ کاٻو ۽ ٻيو ساڄو. آخري ٻن پاسراٽين ۽ پهرين لمبرورٽي بري جي هيٺيان هوندا آهن. کاٻي پاسي واري بڪي ڪجهه اڳتي آهي. ساڄي پاسي واري بڪي، دل جي شڪل جهڙي آهي ۽ کاٻي چونئري (Bean) جي شڪل وانگر ڪجهه ڊگهي ٿيندي آهي. بُڪين جو وزن اٽڪل 24- 25 آئونس ٿيندو آهي. ساڄي پاسي واري بڪي، کاٻي پاسي واري بڪيءَ کان هڪ آئونس ڳري ٿيندي آهي. بڪيءَ جي اندر رت جون تمام سنهيون ناليون هونديون آهن، جيڪي رت مان پيشاب ڇاڻين ٿيون ۽ پيشاب، نالين ۾ جمع ٿي، ڦڙو ڦڙو ٿي، مثاني ۾ پهچي ٿو .


لفظ بڪيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو