بگدو

بگدو: هي ڊيٻڪي نما تاري ساز آهي. جنهن جو آوازي کوکو ڪدو يا ڪاٺ جو ٿئي؛ جنهن تي کل چڙهيل هوندي آهي. آوازي کوکي ۾ ڊگهي ڳني رکن، جنهن تي تار ڊگهيريل هوندي آهي. هڪ قسم ۾ ٿلهي تار ڪدوءَ جي وچ کان ڇڪيل ۽ بار جهڙي شيخ شامل ڪيل ٿئي. ساز کي ڪڇ ۾ سوگهو جهلي ٻاري وٽ ساڄي ٻانهن جي هٿ ۾ سوگهو جهلي ۽ تار کي ڇڪجي، جنهن سان ڀون ڀون يا زون زون جهڙو متواتر آواز نڪرندو رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو