بگهڙ

بگهڙ

بگهڙ

بگهڙ: مشهور جهنگلي جانور، جنهن کي ”گرگ“ يا ”ناهر“ به چون. هيءُ گوشت کائيندڙ جانور آهي. هيءُ جانور سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. بگهڙ عام طرح ٽوليءَ ۾ رهندا آهن ۽ شڪار تي گڏجي حملو ڪندا آهن. هيءُ سڀني جانورن مان تيز ڊوڙندڙ جانور آهي. هن جانور جو شمار، کير ڏيندڙ جهنگلي جانور ۾ ٿئي ٿو. ڪُتو ۽ بگهڙ ساڳئي نسل جا ٻه جانور آهن. هنن جون سڀ عادتون به گهڻو ڪري ساڳيون هونديون آهن. هيءُ گوشت خور جانورن ۾ سڀني کان وڌيڪ موذي آهي. بگهڙ جي سراسري عمر 15 سال هوندي آهي. بگهڙ جي مادي 40 يا 63 ڏينهن کان پوءِ ٻچا ڄڻيندي آهي. هن وقت بگهڙ ايشيا، اتر آمريڪا ۽ يورپ جي اترين علائقن ۾ عام جام رهندڙ آهن. بگهڙ اڪيلو يا ننڍي خاندان سان رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. پاڪستان ۾ هڪ سؤ سال اڳ بگهڙ گهڻا هوندا هئا ۽ ٽولو ڪري شڪار ڪندا هئا. ڍڳي، ٻڪري ۽ رڍ سندن پسنديده خوراڪ آهي. شڪار جي ڪُکين تي حملو ڪندا آهن ۽ چَڪ سان ڪُک ڦاڙي وجهندا آهن. مسافر کي جهنگ ۾ رات پئجي وڃي ته جُتيون يا چمڙي جو سامان ڪُکن تي ٻڌي سمهندو آهي، انهيءَ اٽڪل سان بگهڙ جي حملي مان گهڻي جسماني نقصان کان بچي ويندو آهي. ڳوٺن جا شڪاري ڪتا به بعضي نسلي ڇڪَ جي ڪري ڀڄي وڃي بگهڙن جي ٽولي سان گڏبا هئا. سنڌ ۾ ”ست- بگهياڙي“ مشهور هوندي هئي، جنهن ۾ شڪاري ڪتا به شامل ٿي ويندا هئا ۽ هنن جي ٽولي ۾ گڏجي رهندا هئا. بگهڙ جو جسم هلڪي ناسي رنگ جو ٿئي ٿو. سندس ڪن ننڍا ٿيندا آهن. بگهڙ جي جسم جي ڊيگهه اٽڪل هڪ ميٽر ۽ پڇ 43 سينٽي ميٽر ٿيندو آهي. سندس قد اٽڪل 65 سينٽي ميٽر ٿيندو آهي. بگهڙ کليل ميدانن ۽ ٻيلن ۾ رهندو آهي. هيءُ گهڻو ڪري خاموش رهندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ عام ڪتي وانگر ڀونڪندو به آهي. بگهڙ، هر قسم جا ٿڻائتا جانور ۽ پکي شڪار ڪندو آهي. بک جي حالت ۾ ماڻهن تي به حملو ڪندو آهي. ڍڳين ۽ مينهن وغيره جي ڌڻن تي ٻه يا ٽي بگهڙ گڏجي حملو ڪندا آهن. بگهڙ ننڍڙا ٻار پڻ کڻي ويندا آهن. هيءُ تمام هوشيار ۽ چالاڪ جانور آهي. اُن جي ماديءَ کي ڏهه ٿڻ ٿيندا آهن. بگهڙ شعاع کان ڊڄندو آهي، تنهنڪري هاري يا مسافر رات جو سفر ۾ منزل ڪندي، باهه ٻاري ويهندا يا سمهندا آهن. بگهڙ جي عادت اها آهي جو، جنهن جُوءِ ۾ زيان ڪندو يعني ڇيلو، ٻڪر يا گڏهه ماريندو، انهيءَ جُوءِ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ڪوهه پري رهندو ۽ روزانو گس مٽيندو رهندو. بگهڙ طاقتور جانور آهي. وڏي ڇيلي يا ٻڪر کي هڪڙو بگهڙ هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان وات وجهي ڇڪيندا ته ڇيلي کي اڌو اڌ ڪري، هڪڙو اڌ هڪڙو بگهڙ ۽ ٻيو اڌ ٻيو کڻي ويندو، جيڪو گوشت کائڻ کان وڌي ويندو اٿن، سو پوري ڇڏيندا آهن. بگهڙ جي رڙ کي ”اوناڙ“ چوندا آهن. بگهڙ جو شڪار اڪثر بندوق سان ڪندا آهن .


لفظ بگهڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو