بگي

بگي

بگي

بَگِي: چئن ڦيٿن واري وڏي گهوڙي گاڏي، جنهن کي عام طرح ’وڪٽوريا گاڏي‘ چوندا آهن. هيءَ گاڏي مهاراڻي وڪٽوريا جي دور ۾ انگريزن هتي آندي هئي، جنهن تي فقط انگريز آفيسر سواري ڪندا هئا. هن گاڏيءَ ۾ اڳي چار يا ٻه گهوڙا جوٽبا هئا، پر موٽر گاڏين جي اچڻ کان پوءِ اهي گاڏيون عام ماڻهن جي سواريءَ ۾ ڪم اچڻ لڳيون ۽ انهن ۾ هڪڙو گهوڙو ٻڌبو هو. انگريزن جي دور ۾ خاص موقعي تي، سندن حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ ملڪ جو سربراهه، گورنر يا ڪو ٻيو وڏي رتبي وارو کليل بگِيءَ ۾ چڙهندو هو ۽ زميندار ۽ جاگيردار گهوڙن جي بدران پاڻ گاڏي ڇڪي، کيس منزل تائين پهچائيندا هئا. هن وقت به اهو رواج هلندو اچي. جڏهن ڪوبه ٻاهريون غيرملڪي مهمان يا سربراهه اسان جي ملڪ جي سربراهه سان ملڻ ايندو آهي ته کيس وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ويهاري، صدارتي محل تائين پهچائبو آهي، پر هن وقت وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ٻه يا چار گهوڙا جوٽيل هوندا آهن؛ يعني اهو آجيان ۽ استقبال جو رواج هلندو اچي. جڏهن ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ گهوڙي سان جوٽيل ٻن ڦيٿن واري بگي اڄ به ڏسڻ ۾ ايندي. اُن بگيءَ کي ٿلهي ڪپڙي جي ڇُٽي ڏنل هوندي آهي، اُن کي ڪي ماڻهو ٽانگو به چون ٿا. پر اصل بگيءَ ۾ چار ڦيٿا هوندا هئا .


لفظ بگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو