تابِعينِ

تابِعينِ: تابعين انهن مسلمانن کي چئبو آهي، جن نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جي ڪنهن اصحابيءَ کي ڏٺو هجي. هي اصطلاح حديث جي علم ۾ خاص اهميت رکي ٿو ۽ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي رسول ڪريم صلعم جي اصحابن کان پوءِ پيدا ٿيا. اصحابي اهي شخص آهن، جن نبي سڳوري صلعم جي زيارت ڪئي ۽ ساڻن روبرو ملاقات ڪئي. تابعين اهي شخص آهن، جيڪي نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم کانپوءِ واري طبقي مان هئا يا سندن همعصر هئا، ليڪن ساڻن سندن ذاتي تعلق نه هو، البت ڪنهن اصحابيءَ کي سڃاڻندا هئا. تابعين جي مختصر لفظن ۾ وصف هيءَ ٿيندي ته ’اصحابين کان پوءِ ٻئي طبقي ۾ شامل اهي شخص، جن جون بيان ڪيل روايتون قابل قبول ٿي سگهن‘. واحد کي ’تابع‘ يا ’تابعي‘ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو