تارازي

تارازي

تارازي

تارازي: شين جو وزن يا تور ڪرڻ واري ساهميءَ کي تارازي چئبو آهي. تارازي عام دڪانن تي سامان تورڻ جي ڪم اچي ٿي. سونارن وٽ پتل جون ننڍڙيون تارازيون هونديون آهن. ان تورڻ جا وڏا توراڙا ٿين. هاڻي ته وزن جو نمونو جديد مشيني بڻجي ويو آهي. گاڏين، ٽرڪن ۽ بارگير انجڻين وغيره کي به آسانيءَ سان توري سگهبو آهي. اهڙي وڏي ۽ مشيني تارازيءَ کي ”ڪانٽو“ چوندا آهن. هن دور ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽا به متعارف ٿي چڪا آهن.


لفظ تارازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو