تارسيئر

تارسيئر

تارسيئر

تارسيئر (Tarsier ):اعليٰ قسم جي حيوانن Primates مان هڪTarsius جنس جو سمجهو ساهوارو آهي. لڳ ڀڳ ڪئي جي آڪار جيترو هي يگانو کيرائتو ساهوارو آهي. هي رات جو گهمڻ وارو جهنگ ۾ رهندڙ جانور آهي، جيڪو انڊونيشيا، بورينو، سماترا ۽ فلپائين وغيره ۾ ملي ٿو. هن جو پڇ ڪئي وانگر سنهون ۽ ڊگهو، وڏيون ۽ ٿوريون ٻاهر نڪتل اکيون، ڪن نسبتاً وڏا، گرم رت وارو جاندار آهي، جيڪو جيتن، ڪرڙين ۽ وڻن ٻوٽن جي نرم گونچن تي گذارو ڪندو آهي. هن جو مُري وارو حصو ڊگهو ۽ آڱرين جون چوٽيون گولائي سان ۽ نرم گدين واريون ٿين، سي ٽارين کي سوگهي جهلڻ لاءِ ڪارگر هونديون آهن. هن جي وڌيڪ انفراديت واري جنس جو اکين، ڳلن ۽ لوندڙين وارو حصو ايترو وڌيل آهي، جو سندس کوپري ڊيگهه کان وڌيڪ ويڪري ڀاسندي آهي. هن جو وڏو مٿو ۽ سر سيرڙي، سمجهه ٻين ساهوارن کان نمايان ٿئي ٿي. تارسيئر جوڙين ۾ رهندو آهي. ٻئي درجي جي جهنگ ۾ عام هئڻ جي باوجود به ڏسڻ ۾ گهٽ ايندو آهي. ان ڪري انڊونيشيا وارن مٿس نالو ئي رکيو آهي Binalanghantu جنهن جي معنيٰ Ghost Animal آهي


لفظ تارسيئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو