تارڙ

تارڙ: تارڙ ذات بابت چيو وڃي ٿو ته اهي سورج ونسي ۽ راجا ڪرن جي اولاد مان آهن. ”سنڌو“ نک به هن خاندان جي آهي (ڪتاب ”شاهجان گوجر“). ڪتاب ”پنجاب ڪي ذاتين“ ۾ لکيل آهي ته تارڙ سورج ونسي راجپوت شاخ مان لوهيءَ جو اولاد آهن. تارڙ محمود غزنويءَ جو خدمتگار هو، جيڪو ساڻس گڏ هوندو هو. پنجاب جا ماڻهو هنن کي ڀٽي نسل مان جاٽ به چون ٿا. پاڪستان جو اڳوڻو صدر رفيق تارڙ به هن ذات مان هو. (ڏسو: تارڙ، رفيق احمد)


لفظ تارڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو