تاوِيل

تاوِيلَ: لفظ ”تــاويل“ جي لغوي معنيٰ ”اصل ڏانهن موٽائڻ“ آهي. خاص ڪري قرآن شريف ۾ هيءُ لفظ حقيقت جي بيان، حقيقي معنيٰ ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ معنيٰ يا تفسير لاءِ ڪم ايندو آهي. چوٿين صديءَ هجريءَ تائين تفسير جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو رهيو. ’تاويل‘ ۽ ’تفسير‘ ۾ ٿورو فرق آهي. لفظ ”تفسير“ جو استعمال ڏکين لفظن جي استعمال ۽ تشريح بابــت ٿينـــدو هــو ۽ ’تاويل‘ جــو لفظ جملن ۾ معــنيٰ ۽ وضــاحت لاءِ هــوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو