تاپولي

تاپولي/ تپاولي (موسمي تپ جي مند ):سنڌ ۾ سيپٽمبر جو اڌ ۽ آڪٽوبر جا مهينا، سرءُ جي مند جا مهينا ٿيندا آهن. انهيءَ موسم ۾ پاڻيءَ ۾ ڇينَهرو ايندو آهي، ۽ درياهه، واهن ۽ ڍنڍن ۾ بيٺل پاڻيءَ تي مڇر جام ٿيندا آهن. جن جي زهريلن چَڪَن جي اثر کان انسان توڙي حيوان تپ (بخار) ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. هن قسم جي بخار واري موسم کي تاپولي يا تپاولي جي موسم چوندا آهن.


لفظ تاپوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو