تاڙو

تاڙو

تاڙو

تاڙو (Indian Cuckoo ):هيءُ پکي اڪثر مينهوڳيءَ ۾ ڏسبو آهي. ڪال ڪڻڇيءَ کان سوايو ٿئي ٿو، ان جو پڇ به انهيءَ کان ڊگهو ٿئي ٿو. رنگ جو ڪارسرو آهي، پر ان جو پاسن ۽ پڇ وارا ڪي کنڀ ڪٻر وانگر اڇا ٿين ٿا. مِينهن جي سڄي مند ۾ تنواريندو رهندو آهي. تاڙي کي ”سانگ“، ”ٻاٻيهو“ ۽ مينهل يا ”مينهڻ“ به سڏيندا آهن. رات ڏينهن مينهن وسڻ جي لات لنوندو آهي. تاڙي جي تنوار ٻڌي چوندا آهن ته ”تاڙي هاڻ تنواريو آهي، ڄاڻ مينهن آيو“، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته سنسڪرت ادب ۾ هن پکيءَ جو وڏو وستار آهي ۽ چيل آهي ته اُهو هميشه مِينهن جي ڦڙن تي گذران ڪندو آهي ۽ تر جيتري به گرمي سهي نه سگهندو آهي. هن پکيءَ کي هنديءَ ۾ چانڪ ۽ ’پپيها‘ چوندا آهن. لطيف سائينءَ تاڙي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:مُند ٿي مَنڊلَ مَنڊيا، تاڙي ڪِي تَنوارِ، هارِينِ هَرَ سنباهيا، سَرَها ٿيا سنگهار، اَڄ پڻ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويس ڪيا.


لفظ تاڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو