تاڙي

تاڙي(Toddy Palm Juice):کجيءَ جو رَسُ يا کير، جيڪو نشيدار هوندو آهي. کجين جي ٿڙ کي ڌڪ هڻڻ سان هڪ پاڻياٺ آهستي آهستي نڪرندي آهي. هي شراب جو ديسي قسم آهي. جنهن کي عربيءَ ۾ ’نبيذالنخل‘ ۽ فارسي ۾ ’طاري‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’تاڙي‘ چوندا آهن. هن جو اثر تمام ٿڌو ۽ دماغ کي ڇيهو رسائيندڙ آهي. کجين جي وڻن جي ٿڙن کي جھير يا ڌڪ هڻڻ سان آهستي آهستي رس ڳڙندو آهي، جو گڏ ڪري گھڻو وقت رکڻ سان نشيدار مادو ٿي پوندو آهي. هي شراب ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي ۽ هي حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو. سنڌ ۾ تاڙيءَ جي کپت تمام گھٽ آهي، سرڪاري طرح تاڙي ٺاهڻ جي ڪابه بَٺي نه آهي ۽ تاڙي نجي کجين جي وڻن مان پاڻيٺ ڪڍي ٺاهي وڃي ٿي، کجين جي وڻن مان پاڻيٺ ڪڍڻ ۽ پيدائش وڪڻڻ جو ٺيڪو مقامي مالڪ ساليانو ڏيندا آهن، ان ڪري تاڙي وڪڻڻ لاءِ مختياري ڏنل ڪجهه دڪان ڪراچي شهر ۾ آهن، تاڙي کپائڻ جو مقرر اگهه نه آهي.


لفظ تاڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


شراب جو قسم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاڙي
شراب جو قسم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون