تبريز

تبريز

تبريز

تبريز: ايران جو هڪ قديم شهر جيڪو تهران کان 628 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اولهه ۾ واقع آهي. هي علائقو قديم دور ۾ ايشيا ۽ يورپ جي وچ۾ تجارتي مرڪز هو، جديد دؤر ۾ هتي قالين سازي ۽ چمڙي سازيءَ جا تمام وڏا ڪارخانا موجود آهن. تبريز جي يونيورسٽي، تهران يونيورسٽي کان پوءِ ايران جي قديم ترين يونيورسٽيءَ آهي. هتي شديد زلزلن جي باوجود قديم عمارتون موجود آهن، جن ۾ 15 صديءَ جي مسجد ازرق پڻ شامل آهي. تقريباً 1500ع ۾ ايرانين هي شهر ترڪن کان حاصل ڪيو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ روس هن شهر تي قبضو ڪيو هو. هن وقت هي شهر ايران ۾ موجود آهي. تبريز شهر وڏن وڏن عالمن، فاضلن ۽ شاعر جهڙوڪ: انوري، خاقاني، ظهير فاريابي ۽ شمس تبريزيءَ جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي.


لفظ تبريزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو