ترجنيف

ترجنيف/ترگنيف: روس جو مشهور ليکڪ ترجنيف، جنهن کي ترگنيف به سڏيو وڃي ٿو، ان جو جنم 1818ع ڌاري روس ۾ ٿيو. هن جو جنم جيتوڻيڪ شاهوڪار ۽ امير زميندار ڪٽنب ۾ ٿيو، پر هي ننڍي هوندي کان ٻنين ڏانهن ڀڄي وڃي هارين نارين جي ٻارن سان راند روند ڪندو هو. هارين جي زندگيءَ، مٿن ٿيندڙ ڏاڍ، هن جي دل تي گهرو اثر ڪيو. هن جي لکڻين ۾ جتي رشيا (روس) جي قدرتي سونهن ۽ عام ماڻهن جا عڪس ملن ٿا، اتي زمينداري، ڏاڍ ۽ ظلم جي اوگهڙ به نظر اچي ٿي. هن جي ٻولي مٺڙي ۽ عبارت سليس آهي. هن جا ناول ۽ ڪهاڻيون، دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ور ور ڪري پئي ڇپيا آهن. اي. جي اتم جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ’پهريون پيار‘ ناول، ترجنيف جي بهترين ناولن مان هڪ آهي. سندس وفات 1883ع ۾ ٿي .


لفظ ترجنيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1818.00.00  عيسوي

ترجنيف جو جنم 1818ع ڌاري روس ۾ ٿيو .


1883.00.00  عيسوي

ترجنيف ۾وفات 1883ع ڪئي .



ليکڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪرم انصاري پروفيسر
ترجنيف
ليکڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون