ترڇل

تِرڇل: هي لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي. ٿر ۾ شاديءَ کان پوءِ، جڏهن گهوٽ پهريون دفعو ساهرن جي گهر ايندو آهي، تڏهن سندس ساليون گڏجي، ’ترڇل‘ گيت ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ گهوٽ سان واسطو رکندڙ اڪثر شين جي ساراهه ٿيل هوندي آهي. هيءُ گيت رات جو ڳائبو آهي، جنهن جا ٻول هن طرح آهن:
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو، جئه ري ٽيلڙي گهڙائي
(اڌ مڻ سون ۽ اڌ مڻ چانديءَ جي ٽلڙي گهڙايم)
ٽيلڙي چُهوڙي، آتڻ ٻيٺي، تو نڻندل مُنهن مروڙيو
(ٽلڙي لڳائي آتڻ ۾ ويٺيس ته نڻان منهن کي موڙو ڏنو)
ڪِيان نڻندل منهن مروڙين، ٽِيلڙي مانهجي ٻاٻي گهڙائي
(ڇو نڻانون منهن کي موڙا ٿيون ڏين، ٽيلڙي منهنجي بابي گهڙائي آهي)
ٽيلڙي چهوڙي جر نان پڌاري، اُٿ مان ري ٽيلڙي گم گئي
(ٽلڙي لڳائي پاڻي ڀرڻ ويس، جتي منهنجي ٽلڙي گُم ٿي ويئي)
ساري سنڌ اوڏ تيڙا ڙان، ٽيلڙي سرور مان جئاڙان
(سڄيءَ سنڌ جا اوڏ گهرايان، تلاءُ ۾ ٽيلڙي جي ڳولا ڪرايان)
جڪــي گــايــا، جـڪــي سُـڻيــا، اوئــان نـان پـرنــام
(جنهن ڳايو، جنهن ٻڌو، انهن کي منهنجا پرنام).


هن صفحي کي شيئر ڪريو