ترکان

تَرکان (ترخان ):پنجاب جي واڍن جي ذات آهي (ڪتاب تواريخ ديره غازي خان، ص:120). ڪتاب ”پنجاب ڪي ذاتين“ صفحي 210 موجب ”تر کان“، ديري غازي خان جا جٽ آهن، جيڪي لوهه ۽ ڪاٺ جو ڪم ڪن ٿا. هنن جا خاص پاڙا آهن؛ بيگي خيل، تارا، جهانگرا، دمان، سٿا، سياون، کاٽي، گاوا، نيتال، ڌوگري ۽ صيقل گر.


هن صفحي کي شيئر ڪريو