ترڪي جو نقشو

ترڪي جو نقشو

ترڪي

ترڪي (Turkey ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه ترڪي (Republic of Turkey) آهي. ترڪ قوم ۽ ترڪو ٽڪريءَ جي مناسبت سان هن کي ترڪيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ڏکڻ اولهه ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ بلغاريا ۽ ڪارو سمنڊ، اتر اوڀر ۾ جارجيا ۽ آرمينيا اوڀر ۾ ايران، ڏکڻ ۽ عراق ۽ شام، اولهه ۾ ايجيئين (Aegean) سمنڊ ۽ يونان آهن. ترڪي ايشيا ۽ يورپ جي پڇڙيءَ تي آهي. هن جي 95 سيڪڙو ايراضي ايشيا ۾ ۽ 5 سيڪڙو (9000 چورس ميل) يورپ ۾ آهي. ايشيائي ترڪيءَ کي ايناڊولو يا اناطوليا ۽ يورپي ترڪيءَ کي ٿريس (Thrace) چوندا آهن. ٻنهي جي وچ ۾ باسفورس گذرگاهه (لنگهه) آهي. 10 اپريل 1928ع تي ترڪيءَ جي حيثيت اسلامي حوالي سان ختم ڪندي هڪ سيڪيولر رياست ۾ تبديل ڪئي وئي. عربي رسم الخط کي ختم ڪري رومن اسڪرپٽ جاري ڪيو ويو. 28 مارچ 1930ع تي قسطنطنيه جو نالو بدلائي استنبول رکيو ويو. هن وقت ترڪي آزاد ۽ خود مختيار جمهوريه آهي، جتي مغربي طرز جو پارلياماني جمهوري نظام قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي سربراهه ۽ هٿيار بند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. ترڪيءَ جي ڪل پکيڙ 779452 چورس ڪلوميٽر (300868 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 66 لک 20 هزار آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي ترڪي آهي، جڏهن ته ڪردي ۽ عربي ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. ترڪيءَ جي گاديءَ جو هنڌ انقره (Ankara) آهي. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾ تماڪ، اَن، ڪپهه، مڪئي، ٽماٽا، انگور، پٽاٽا، جَوَ، ڪاري ڊاک، زيتون، انجير، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن ۽ مکيه صنعت ۾ لوهه، مشينري، ريشم، بوٽ، گاڏيون، فوڊ پروسيسنگ، فرنيچر، سيمنٽ، ڪاغذ، شيشو، عمارت سازي ۽ ڪيميائي شيون آهن. ترڪيءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 29 آڪٽوبر 1923ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي .


لفظ ترڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.10.29  عيسوي

ترڪيءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 29 آڪٽوبر 1923ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيونس
باگڙ ديس
جپان
آئرلينڊ
بيلجيم
پاناما
سفارتڪار
صوماليا
پاڪستان
چلي (ملڪ)
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون