تعزيت

تَعزِيتَ: فوتيءَ جي عزيزن سان عذرخواهي ڪرڻ. فوتيءَ جي ڪفن دفن تي ڪنهن سبب پرانهين پنڌ يا بيماريءَ سيماريءَ جي ڪري وقت تي پهچي نه سگهڻ واري لاءِ ٽن ڏينهن تائين فوتيءَ جي گهر تي، تعزيت ڪرڻ لاءِ تڏو وڇائبو آهي. ان کان پوءِ ٽئين ڏينهن ختمو ڏياري، تڏو کڻي ڇڏبو آهي. پوءِ به تعزيت جو دروازو بند نه ٿيندو آهي. ٻارهن مهينن، ٻن سالن تائين به فاتحه ٿي سگهندي آهي، تنهنڪري چوندا آهن ته ”فاتحه ۽ وير پراڻا نه ٿيندا آهن. “


لفظ تعزيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو