تعويذ

تعويذ

تعويذ

تَعوِيذُ: مسلمانن جي ڪن فرقن ۾ بيماريءَ يا ٻين مسئلن مان ڇوٽڪاري خاطر دُعا جو لکيل ڪاغذ، جنهن تي نقش ڀريل هوندو آهي يا دعا جا لفظ لکيل هوندا آهن (ٻانهن يا ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي). ڪنهن مطلب پوري ٿيڻ خاطر لکيل دعا جو ڪاغذ، جيڪو ٻانهن ۾ ٻڌبو آهي. ڪي ڌوئي پيارين؛ پُورين يا کوهه ۾ به اڇلين.
قبر جي مٿان سِرُن يا پٿر جي پيتيءَ مثل تعمير کي به تعويذ چئبو آهي.
ڳهه جو هڪ قسم، ٻانهن جي ڏؤنري ۾ يا ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي. دولتمند ماڻهو سون يا چانديءَ جا تعويذ ٻڌندا آهن. دعائون، علامتون ۽ انگ، جيڪي انهن تعويذن ۾ لکيا ويندا آهن، تن مان ڪي خدا جا نالا هوندا آهن، ڪي قرآني آيتون ته ڪي وري رمل جون نشانيون هونديون آهن. فرشتن جا نالا، تارن ۽ برجن جا نالا به لکيا ويندا آهن.
شرع اسلاميءَ موجب جادو (سحر) منع ٿيل آهي، تعويذ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ قرآني تعويذ ۽ ٻيا جادو/ وير مٺ وغيره وارا تعويذ. پر مسلمان عالم لاءِ الله تعاليٰ تي توڪل سان قرآني استعمال ڪري، تعويذن جو استعمال ممنوع نه آهي، پر شرطه انهن جو جائز استعمال آهي. ان جي باوجود ڪي ماڻهو ٻين کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان به تعويذ استعمال ڪندا آهن. اسان وٽ اڪثر ڳوٺن ۾ مرشد، مُلا، مولوي، پنڊت يا ٻائي پاران سوالين کي ڪا دعا ڪپڙي يا ڪاغذ يا چمڙي تي لکجي ملندي آهي، جيڪا ميڻ ۾ تهه ڪري، چانديءَ يا سون جي تعويذ ۾ بند ڪرائي، ڳچيءَ ۾ پائيندا آهن.
تعويذ چوڪور به ٺهي ته مستطيل به؛ ڪي وري محراب وارا به ٿين، اڄڪلهه ته دل جي شڪل جهڙا تعويذ به ٺهن. تعويذ گهڻو ڪري ٺپي، ميناڪاريءَ ۽ جڙاءَ تي ٺهن. ڪنهن ڪنهن تعويذ کي تاڪي ٿئي ۽ ڪڙوبه تاڪيءَ کي ڪڙي، ٻيءَ تاڪيءَ سان قابو ڪن ۽ اندر پيل دعا کي ڪڍڻ چاهين يا بدلائڻ چاهين ته تاڪي ڪڙيءَ سان کولين. ڪن تعويذن کي چاٻيون به ٿين. تعويذ زنجير ۾ به پوي ته سُٽ ۽ زريءَ جي ڏوريءَ ۾ به ٻڌجي. ٻاراڻا تعويذ ڌار ٿين ته وڏن لاءِ ڌار؛ عورتن جا تعويذ مردن جي تعويذن کان نمونن ۾ مختلف ٿين. مرد تعويذ ڳچيءَ سان لڳائي ٻڌن ۽ عورتون هيٺ سيني تائين لڙڪيل تعويذ پائين. ماضيءَ کان وٺي ڪي جعلي عامل يا هٿرادو پير صرف پئسي ڪمائڻ لاءِ پڻ تعويذن ۽ جادوءَ جي علمن جو استعمال ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪندا آهن. اهڙا ڪوڙا عامل ڪڏهن ڪڏهن گرفتار به ٿيندا آهن، پوءِ به وهم پرستيءَ سبب هي سلسلو اڃا جاري آهي. جڏهن ته سائنسي تعليم بعد اڪثر ماڻهن بيمارين وغيره جي صورت ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبيبن وٽ وڃڻ شروع ڪيو آهي، پوءِ به ڪيترا توهم پرس ۽ ضعيف الاعتقاد ماڻهو بيمارين جي علاج تعويذن کي قبول ڪن ٿا .


لفظ تعويذھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو