تلاءُ

تَلاءُ: پاڻيءَ سان ڀريل ويڪري ۽ تانگهي کَڏَ. زمين جي هيٺاهينءَ وارو پاسو، جتي پاڻي گڏ ٿي بيهي. جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿي وڃي ته ان کي ”قدرتي تلاءُ“ چئبو آهي. ٿر، ريگستان ۽ جابلو ايراضيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي قدرتي تلاءَ موجود آهن، جن جو پاڻي ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، اهو پاڻي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ستن ڏينهن لاءِ موجود رهندو آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي تلاءَ موجود آهن .


لفظ تلاءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو