تلسي

تلسي

تلسي

تُلسِي Sacred baslil(Ocimumsanctum):هڪ قسم جو خوشبودار ٻُوٽو، جيڪو نازبوءِ وانگر فرحت ڏيندڙ آهي. ان جا تازا پن چمڪندڙ ۽ سُڪڻ بعد ڀُورا ۽ ساوا ٿي ويندا آهن. تلسيءَ جا گل اڇا ٿيندا آهن. تلسيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. هيءُ ٻوٽو زمين مان هڪ قسم جو تيل حاصل ڪندو آهي، جيڪو اُن لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏيندو آهي. هيءُ ٻوٽو عام طرح خشڪ ۽ کليل هنڌن تي اُڀرندو آهي. تلسيءَ جي پنن مان مختلف قسم جا تيل ۽ خوشبوئون پڻ ٺهنديون آهن. هندو هن ٻوٽي کي پوتر ٻوٽو تصور ڪندا آهن، ۽ پنهنجن گهرن ۽ مندرن ۾ لڳائيندا آهن، سندن عقيدو آهي ته هي ٻوٽو تلسي ”ديويءَ“ جي وارن مان پيدا ٿيل آهي. ميرپورخاص ضلعي ۾ هن ٻوٽي کي ٻنيءَ جي ٻنن تي پوکيندا آهن. انهيءَ ڪري جو هن ٻوٽي جو تيل فرانس ۽ بيلجيم ڏانهن موڪليو ويندو آهي. گهر ۾ جي تلسيءَ جو ٻوٽو بيٺل هوندو ته سڄو گهر مڇرن کان محفوظ رهندو آهي. تُلسيءَ جو ٻج پسارڪي وکر طور به ڪم ايندو آهي.


لفظ تلسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو