تلنگ

تلنگ: هيءَ کماچ ٺاٺ جي اوڍو کاڍو راڳڻي يعني پنجن سُرن جي راڳڻي آهي، جيئن ته هن جو گنڌار وادي ۽ نکاد سموادي آهي، ان لاءِ شڪل ۾ کماچ وانگر لڳندي آهي. جيئن ته نکاد ۽ پنچم جي سنگت آهي ۽ هن ۾ ڌيوت لڳندو ئي نه آهي. ان لاءِ کماچ کان الڳ ظاهر ٿي بيهي ٿي. رکب ۽ ڌيوت نه هجڻ ڪري جنجونتي کان الڳ صورت ۾ بيهي ٿي. درگا ۾ نکاد ۽ پنجم ورج آهن، ان ڪري به تلنگ الڳ صورت اختيار ڪري ٿي. هن جي خاص تان: سا- گي- ما پا- نا پا- ما گي- نا پا- گي ما گي- سا آهي، آروهي: سا گي ما پا ني سَا ۽ امروهي: سا نا پا ما گي سا آهي. هن جو وادي سر: گنڌار ۽ سموادي سُر: نکاد آهي، جڏهن ته ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر مقرر آهي.


لفظ تلنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو