تلهار

تلهار: ضلعي بدين جي هڪ تعلقي ۽ مشهور شهر جو نالو، جنهن جو ذڪرتحفة الڪرام‘ ۾ به آيل آهي. چون ٿا ته ”تلهار“ هڪ ذات هئي، جنهن تان هن شهر تي اهو نالو پيو. هي شهر گوني واهه جي ڪپ تي آباد آهي. حيدرآباد_ بدين ريلوي لائين تي هڪ اسٽيشن پڻ آهي، ۽ هتي باواني شگرملز به آهي. هي شهر گيهه ۽ چانورن جي واپار سبب مشهور آهي. هن تر ۾ ڪمند به جام ٿئي ٿو. هن شهر ۾ رهندڙن جو تعداد اندازاً ڏهه هزار آهي ۽ شهر ۾ تعليمي سهولتون موجود آهن. تلهار ۾ ڪيترا اديب پڻ رهن ٿا، جن ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار آصف جمالي، ناصر بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.


لفظ تلهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو