تمبي

تمبي (ساز ):هي تار جو ساز آهي، جيڪو يڪتاري کان ننڍو ٿيندو آهي. پر بناوت يڪتاري واري هوندي اٿس. تمبي، اصل ۾ ڪدوءَ جي آوازي کوکي مٿان ڪمايل کل چڙهيل هوندي آهي. اڍائي يا ٽي فوٽ ڊگهي ڇپٽي ڏنڊي، جنهن جي ويڪر 3 ساڍا ٽي انچ ٿيندي آهي، بنهه گول ٿيندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪدوءَ جي آر پار گذاري سُڪ ڪندا آهن، جيئن ڪدوءَ کان ٻه ٽي انچ ڏنڊي ٻاهر نڪتل هجي. ڏنڊي جي ٻئي ڇيڙي تي ٻه ڳٽيون کتل هونديون آهن، تنبي يا ڪدوءَ کان ٻه تارون ڇڪي ڳٽين ۾ ويڙهيندا آهن. ڪدوءَ وٽ تارن کي مٿي رکڻ لاءِ هيٺان ڪاٺ يا ٺڪـُر يا ڪو سڪو وغيره ڏيندا آهن، جنهن کي مڪڙي چوندا آهن. تمبي/ ڪدو آوازي ڪوٺي (Chamber) جو ڪم ڪندو آهي. سازندا ڳٽين ذريعي تارن کي ڇڪي آس وٺندا آهن. هن جي سنگت ڇپڙي، ماٽي يا گهاگهر ۽ ڍولڪ سان ٿيندي آهي. هي ساز کڻڻ ۾ هلڪو آهي. تمبي سنڌ ۾ گهٽ، پر پنجاب ۽ هندستان ۾ وڌيڪ استعمال ٿئي ٿي .


لفظ تمبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو