تمڪ

تمڪ (ساز ):تمڪ ننڍڙي نغاري جهڙو طبلي نواز ساز ٿيندو آهي، گهڻو ڪري شادين ۾ عورتون وڄائينديون آهن. عابده پروين به پاڻ سان جيڪا نغاري طبلي نما ساز وڄرائيندي آهي، تن کي تمڪ چئبو آهي اهي سائيز ۾ تمام ننڍا ٿيندا آهن.
گرونانڪ جي گرنٿ صاحب کي مختلف سرن ۾ ڳايو ويندو آهي، جن سان به تمڪ وڄايو وڃي ٿو. هي جوڙي ٿيندي آهي، جن کي ڏونڪن سان ضرب هڻي وڄايو ويندو آهي. جوڙجڪ باقي سڄي نغاري جهڙي اٿس .


لفظ تمڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو