تنؤلي

تنؤلي: هزاره جي تيناوال قبيلي وٽ هڪ پنهنجو ”هندڪو“ جو لهجو تنؤلي آهي. انهيءَ بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. تينا والن کي يوسف زئي قبيلي وارن پنهنجي ملڪ مان ڌڪي ڪڍيو هو، جن پوءِ شايد سترهين يا ارڙهين صديءَ جي شروع ۾، هزاره جي اولهه واري علائقي ۾ اچي پاڻ کي آباد ڪيو. جيڪو هاڻي تناول پهاڙين جو علائقو سڏجي ٿو. 1853ع ۾ هنن ستانا جي لوڪن سان گڏجي انگريزن تي حملو ڪيو هو، جنهن مان سندن پاڻ ۾ ڊگهي لاڳاپي ڏانهن اشارو ملي ٿو. اها ٻولي تناؤلي هزاره جي هندڪو جي مائٽ ۽ لهندا جي هڪ صورت آهي. انهيءَ هندڪو وانگر هي به اتر- الهندي ۾ اتر- اڀرندي واري لهندا جي پوئواري ڪري ٿي جو حرف صحيح وارن مذڪر اسمن جي حالت مفعولي واحد ۾ ”اي“ يا ”آ“ ڳنڍي ٿي. جڏهن ته اها پنهنجو هندوستاني لاڳاپو ”ڪو“ حرف جر ذريعي ظاهر ڪري ٿي، جيڪو حالت جريءَ ۾ ڪم اچي ٿو.
گريئرسن لهندا جي لهجن ۾ تنؤلي کي به ڳڻايو آهي. ان کانسواءِ پادري گراهم بيليءَ جي ڪتاب ”لئنگئيجز آف دي نارٿ همالياز“ ۾ هن لهجي جو مختصر احوال آيل آهي .


لفظ تنؤليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو