تندور

تَنور/ تندور: مانين پچائڻ لاءِ گُندڙي مثل زمين ۾ کوٽيل کڏ. تنور جي شڪل، زمين ۾ پوريل گُندڙيءَ وانگر ٿيندي آهي. هڪ ڀيرو تنور جي تَر ۾ باهه ٻاري ڇڏبي آهي، پوءِ ضرورت آهر مانيون يا نان پچائڻ تائين ٻيهر تنور کي گرم ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهندي آهي. تنور ۾ مانين پچائڻ جو طريقو ايران جي ايجاد آهي، جيڪو گهٽ محنت ۽ وڌيڪ فائدي وارو آهي. ان کي تندور به چئبو آهي .


لفظ تندورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو