تور

تور (Breed ):هڪ ئي واري ڦوڙيل ٻچن جو ولر، ”تور“ لفظ، نسل جي معنيٰ ۾ به ڪم ايندو آهي. عام طور پکي آنن تي ويهي پرن ۽ کنڀن جي گرمي ڏيڻ سان هڪ خاص مدي اندر آنن مان ٻچا پيدا ڪرڻ واري عمل جي تڪميل ڪن. ان ذريعي پيدا ٿيل ولر کي ”تور“ چيو وڃي ٿو. آنن ڦوڙڻ جو 4 کان 8 هفتن تائين جو مدو ٿيندو آهي. جديد دور ۾ آنن ڦوڙڻ واريون مشينون (Brooder) ايجاد ٿي چڪيون آهن، جيڪي هفتن جو ڪم منٽن ۾ ڪن ٿيون.


لفظ تورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو