توروالي

توروالي (Toorwali ):هيءَ ٻولي 44 سيڪڙو ڪالڪوٽي (Kalkoti) ۽ ڪالاميءَ سان ملندڙ آهي. بحرين ۽ چيل (Chail) ان جا لهجا آهن، جيڪي هڪ ٻئي کي 89 سيڪڙو ويجها آهن. پاڪستان ۾ هيءَ ٻولي توروال واري علائقي ۾، سوات- ڪوهستان جي مٿئين حصي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي آريانه کان سٺ ميلن جي ايراضيءَ ۾، چيرولي ۽ ڇاهل دڙي تائين، چيرولي کان ڪجهه مٿڀرو، اوڀر واري ايراضيءَ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1987ع جي رپورٽ موجب هن جا ڳالهائيندڙ 60000 موجود هئا، جن جو تعداد هن وقت لک کي ويجهو آهي. هن ٻوليءَ جو واسطو هند- يورپي، هند- ايراني، هند-آريائي خاندانن سان آهي. عربي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. هي ٻوليءَ توروال قبيلي جي ٻولي آهي، سنڌو- ڪوهستان جي پتڻ واري علائقي ۾ به ڳالهائي ويندي آهي. هي داردي ٻولين مان هڪ ٻولي آهي، جيڪا سوات جي علائقي بحرين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هيءَ توراني خاندان جي ٻولين جي نُک مان آهي. ڪي وري هن کي آرين کان اڳ جي ٻولي سمجهن ٿا. هي ٻولي بلتستان، گلگت، استور، هنزه، ياسين، اباسين، ڪوهستان، بٽ گرام، الائي، چترال ۽ سوات جي علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جي ايراضي، سوات ڪوهستان جي مٿئين علائقي وارين وادين ۾ مدائن (Madain) بستيءَ کان وٺي، سوات نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي، اتر طرف ’منڪيال بستيءَ‘ تائين ۽ اسريت نالي (Isret nala) تائين پکڙيل آهي .


لفظ تورواليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو