تورڻ

تورڻ

تورڻ

تورَڻُ:ڪاٺين مان ٺهيل ٽڪنڊي کي ٿر ۾ ” تورڻ “ چوندا آهن . ’تورڻ ‘ اڪثر سُوٽهڙ ( واڍا ) ٺاهيندا آهن . هي اڪثر ڄار يا ڪِرڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي . ڪاٺين جو ٽڪنڊو ٻه اڍائي فوٽ ڊگهو هوندو آهي . ٽڪنڊي جي ٻن پاسن وارين ڪاٺين تي چار يا پنج جهرڪيون ٺهيل هونديون آهن ۽ چوٽيءَ تي هڪ مور ٺاهي بيهاربو آهي . سڄي تورڻ کي ڳاڙهو ڪرمچي رنگ ڏئي ، پاسن تان ٻه ڊگهيون ڇڙيون ٻڌندا آهن . هي تورڻ واري رسم صرف ٿر ۾ رهندڙ هندو استعمال ڪندا آهن .
هندن جي شادين ۾ استعمال ٿيندڙ تورڻ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ جدا جدا شيون استعمال ٿينديون آهن ، گهوٽ لاءِ تورڻ سان گڻيس ڀڳوان جو پتلو ٺاهيو ويندو آهي ، جڏهن ته ڪنوار لاءِ گڻيس سان گڏ چئونريءَ لاءِ ڪِليون ٺاهيون وينديون آهن ، جنهن ذريعي چئونري ٻڌبي آهي . اهي تورڻَ شاديءَ ڏهاڙي گهوٽ توڙي ڪنوار ٻنهي جي گهر اڳيان ٻن وڏين ڪاٺين سان ٻڌبا آهن ، گهوٽ يا ڪنوار گهر اچڻ وڃڻ مهل تورڻ هيٺيان گذرندا آهن . شاديءَ جي آخري ڏينهن ( هٿ ڀاڻي واري ڏينهن ) اهي تورڻ گهر ۾ ڪنهن جاءِ تي ٻڌي بيهاربا آهن ، اڪثر چئونرن يا لانڍين جي دروازن جي مٿان سڌا ڪري ٻڌبا آهن .


لفظ تورڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو