تڙ

تڙ: پني عاقل جي اوڀر طرف اڇڙي ٿر ۾ ڪجهه تاريخي ۽ اونها کوهه آهن، جن کي ’تڙ‘ چيو ويندو آهي، اهڙو هڪ کوهه سنڌ- راجسٿان سرحد تي ’راڄڙ جي تڙ‘ نالي سان مشهور آهي، اهڙا کوهه اروڙ، صالح پٽ ۽ ميرپور ماٿيلي تعلقن ۾ به آهن.
ٿر ۾ به کوهن کي تڙ چوندا آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن جا نالا به کوٽايل تڙن پٺيان رکيا ويا آهن. جيئن: جنجهين جو تڙ، جمعي جو تڙ، مکيءَ جو تڙ، سوٽهڙن جو تڙ، ميگهي جو تڙ ۽ آڏي جو تڙ وغيره .


لفظ تڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو