ثريا

ثُريا: تارن جو ميڙ، جنهن ۾ ٻه تارا وڌيڪ روشن هوندا آهن، جن جي وچ ۾ ٽي تارا گڏ ۽ ويجها ويجها هوندا آهن، جيئن ڇُڳي ۾ انگور ٿيندا آهن. قديم زماني اهو خيال آهي ته ”ثُريا“ نکٽ جو اثر موسم تي تمام گهڻو ٿيندو آهي. هارين جو چوڻ آهي ته ڪتيءَ لڙڻ سان سيءَ پوندا آهن. هن نکٽ کي سنڌيءَ ۾ کير ڌارا ۽ ’ڪَتيون‘، اردوءَ ۾ ’ڪهڪشان‘ ۽ انگريزيءَ ۾ Milky way چوندا آهن .


لفظ ثرياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو