غارِ ثور جو ڏيک

غارِ ثور جو ڏيک

ثور3

ثور3(غار ):غارِ ثور مڪي کان ٽي ميل ساڄي پاسي موجود آهي. هيءَ غار جبل ثور جي چوٽيءَ تي آهي، جيڪا تقريباً هڪ ميل اونهي آهي. هيءَ غار اڄ به اتي موجود آهي. جڏهن مڪي جي ڪافرن مسلمانن کي سخت تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون، ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم خدائي حڪم هيٺ مڪي جي مسلمانن کي يثرب (مديني) ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، تڏهن پاڻ سڳورا، پنهنجي رفيق حضرت ابوبڪر صديق سان گڏ آخر ۾ مڪي مان نڪتا ۽ پٺيان حضرت عليؑ کي پنهنجي گهر ۾ بستر تي ڇڏي آيا، ته جيئن مڪي جي قريشن جون امانتون سندن حوالي ڪري پوءِ اچي. يثرب ڏانهن سفر ڪندي ڏينهن جي وقت پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت ابوبڪر صديقرضه هن غار ۾ مڪي جي ڪافرن کان لڪي ويهندا هئا ۽ حضرت ابوبڪر صديق جو فرزند ۽ ٻڪرار ٻڪريون ڪاهي ايندا هئا ۽ کين کير پياري ويندا هئا. هڪ ڏينهن جڏهن ڪافر پاڻ سڳورن کي ڳوليندي ڳوليندي غار جي ويجھو اچي ويا ته حضرت ابوبڪر صديق گهٻرائجي ويو، پر پاڻ سڳورن کيس دلجاءِ ڏني ته ”گهٻراءِ نه، الله اسان سان گڏ آهي. هڪ روايت آهي ته هن غار جي منهن تي ڪوريئڙي پنهنجو ڄار (گهر) اُڻي ان کي ڍڪي ڇڏيو هو ۽ هڪ ڪبوتر ڪاٺڙيون گڏ ڪري پٽ تي آکيرو جوڙي ورتو هو ۽ غار ڀرسان ٻڪرين جا پيرا به موجود هئا. ڪافرن اها حالت ڏسي غار اندر تلاش نه ڪئي ۽ واپس موٽي ويا. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه سان گڏ هن غار ۾ ٽي ڏينهن ۽ راتيون قيام فرمايو. ابن هشام جي روايت موجب: ان عرصي ۾ حضرت ابوبڪر صديقرضه جي نياڻي اسماءرضه گھر مان کاڌو پچائي غار ۾ پهچائي ويندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو