جالوت

جالوت: فلسطين جو هڪ پهلوان، جنهن بني اسرائيل کي جنگ لاءِ للڪاريو ۽ حضرت دائود عليه السلام جي هٿان مارجي ويو هو. اهو واقعو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان هڪ هزار سال اڳ جو آهي. انهيءَ زماني ۾ بني اسرائيل تي عمالقه جو غلبو ٿي ويو هو، جن اسرائيلين کان فلسطين جو ڳچ حصو کسي ورتو هو. بني اسرائيل تي ان وقت سموئيل نبي حڪومت ڪندو هو، جيڪو نهايت پيرسن هو. بني اسرائيل جي سردارن اها ضرورت محسوس ڪئي ته ڪو اهڙو بادشاهه هجي، جنهن جي قيادت ۾ جنگ ڪري سگهجي پوءِ سموئيل نبي حڪم رباني مطابق طالوت کي سندن بادشاهه مقرر ڪيو. قرآن مجيد ۾ جالوت جو هن طرح سان ذڪر آيو آهي، پوءِ جڏهن طالوت ۽ ان جا ساٿي درياهه پار ڪري اڳيان وڌيا ۽ جالوت جي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳا. آخرڪار الله جي مدد سان انهن ڪافرن کي ماري ڀڄايو، طالوت کي قتل ڪري ڇڏيو“. جتي جالوت سان جنگ لڳي، ان هنڌ کي ’غور‘ چوندا آهن، جيڪو اردن جي هڪ واديءَ ۾ آهي.



لفظ جالوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو