جالينوس

جالينوس (حڪيم ):حڪيم جالينوس 95ع ۾ ڄائو. هيءُ يوناني طب جو مشهور حڪيم، طبيب، مصنف، مرض جي تشخيص ۽ جسم جي عضون جي ڄاڻ رکندڙ عالم، جراح ۽ دواساز ٿي گذريو آهي. هيءُ ايشيا ڪوچڪ جي شهر پرگاموٽ ۾ ڄائو. سندس والد به وڏو داناءُ ۽ صاحب علم شخص هو. هن جي ابتدائي تربيت پيءُ کان حاصل ڪئي. جالينوس سترهن ورهين تائين مسلسل تعليم پرائي ۽ هر وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن مصر ۽ روم تائين وڃي وڏن وڏن طب جي ماهرن کان حڪمت جو علم سکيو. ايستائين جو عورتاڻي بيمارين بابت عورت طبيبن کان پڻ ڄاڻ حاصل ڪيائين. سندس خاص خوبي اها هئي ته هيءُ غريب ماڻهن کان علاج جا پئسا نه وٺندو هو. هن طب مان توهم پرستي ختم ڪرڻ ۽ طب جي موضوعن تي سوا سؤ جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکڻ جهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. يوناني طب جي فن ۾ کيس يونان جي مڙني طبيبن تي فوقيت حاصل هئي. هن دل تي تحقيق ڪندي معلوم ڪيو ته دل جو کاٻو پاسو، ساڄي پاسي کان وڌيڪ عرصو زنده رهي ٿو. هن جانورن ۽ انساني جسمن جا ڪيترائي ڪامياب آپريشن به ڪيا. هن جو يوناني طب جي سلسلي ۾ خاص مرڪب ’جوارش مرڪب‘ مشهور آهي. ان کان علاوه به هن ڪيترا مرڪب تيار ڪيا. پاڻ 70 سالن جي ڄمار ۾ 165ع ڌاري روم ۾ وفات ڪيائين، سندس وفات کان پوءِ سندس ڪتاب عربيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا.



لفظ جالينوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0095.00.00  عيسوي

جالينوس ( حڪيم ) : حڪيم جالينوس 95ع ۾ ڄائو . هيءُ يوناني طب جو مشهور حڪيم ، طبيب ، مصنف ، مرض جي تشخيص ۽ جسم جي عضون جي ڄاڻ رکندڙ عالم ، جراح ۽ دواساز ٿي گذريو آهي


0165.00.00  عيسوي

حڪيم جالينوس؛ پاڻ 70 سالن جي ڄمار ۾ 165ع ڌاري روم ۾ وفات ڪيائين ، سندس وفات کان پوءِ سندس ڪتاب عربيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زهره شيرازي
شاهه رخ مرزا ترخان
صبح صادق کوسو مير
رضوي شاهه نصرالدين
غلام جيلاني برق
شاهه بيگ ارغون
خيار لهڙي
سليم مگسي
ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا
جانش بهادر ۽ جان بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون