جاميٽري2

جاميٽري 2 (ڪتاب ):جاميٽري عنوان سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1- جاميٽري: هن ڪتاب جو مترجم ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي آهي. هن رائل سائيز ڪتاب ۾ 64 صفحا آهن ۽ قيمت 10 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون تعليمي کاتي ڪراچيءَ مان سال 1866ع ۾ ڇپايو ويو.

2- جاميٽري: هي ڪتاب ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 154 صفحا آهن ۽ ڇاپو پهريون تعليم کاتي ڪمشنر پريس ڪراچي مان سال 1919ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو سال 1933ع ۾، نائون ڇاپو 1935ع ۾ ۽ يارهون ڇاپو سال 1939ع ۾ ڇپيو.

3- جاميٽري: هي ڪتاب ڏيارام وسڻمل ۽ ليلارام پريمچند واڌواڻي جو گڏجي لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 154 صفحا آهن ۽ هن جي قيمت 15 آنا رکيل آهي. ڇاپو ستون ڀوڪرداس ٿانورداس، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1933ع ۾ ڇپايو.

4- جاميٽري جو پهريون ڪتاب: هن ڪتاب جو ليکڪ ڪوڙو مل چندنمل کلناڻي آهي. جنهن 1897ع ۾ هي ڪتاب لکيو، جيڪو ڪراچيءَ جي تعليم کاتي ڪمشنر جي لٿو ڇاپخاني ڪراچيءَ مان ڇپايو، هن ڪتاب ۾ 100 صفحا آهن ۽ قيمت چار آنا، ڇهه پايون ڄاڻايل آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو