جاهليت

جاهليت: هن اصطلاح کي اسلامي حوالي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. اسلام جو طريقو سراسر ’علم‘ آهي، ڇاڪاڻ ته ان طرف الله تعاليٰ رهنمائي ڪئي آهي، جيڪو سڀني حقيقتن جو علم رکندڙ آهي. ان جي برعڪس هر اهو طريقو، جيڪو اسلام ۽ انسانيت جي ابتڙ آهي، سو جاهليت جو طريقو آهي. تنهنڪري اسلام کان اڳ واري عربن جي دؤر کي جاهليت وارو دور ڪري ليکيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ عربن ۾ جيڪو اجتماعي ۽ سياسي قانون جاري هو، سو ’وحي الاهي‘ جي تابع نه هو. تنهنڪري سڀني مسلم توڙي غير مسلم مؤرخن ان دور کي ’جاهليت‘ جو دور سڏيو آهي. ان ئي دور جو عرب شاعر امراءُ القيس مشهور آهي.



لفظ جاهليتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو