جاٽ1

جاٽ1: هند ۽ پاڪ جي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ اها هڪ ذات آهي، جنهن کي بشريات جي ماهرن آريائي يا سٿي (Scythian) آريا نسل ڪري ڄاڻايو آهي. هيءَ برادري مڪاني قبيلن جي ميل جول ڪري جدا جدا فرقـن ۾ ورهائجـي ويئي. جيئن ته پنجاب ۾ راويءَ جي اولاهن ضلعن ۾ گهڻا ’جاٽ‘ مسلمان هئا، پر وچولي پنجاب ۾ گهڻا سِکَ، ۽ ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ گهڻو ڪري هندو هئا. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تقريباً غير مسلم جاٽ هندستان هليا ويا آهن.

پنجابي ۽ لهندا ٻولين ۾ ’جاٽ‘ کي ’جٽ‘ اُچاريو ويندو آهي. ’جاٽ‘ ذات ٻني ٻاري سان وابسته آهي. هڪ هنڌ رهڻ ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ رکڻ جي ڪري هر دور ۾ هي قبيلو طاقتور رهيو آهي. مثلاً: محمود غزنويءَ جي لشڪر سان جنگ ڪيائون؛ مغل شهنشاهه شاهجهان جي دؤر ۾ بغاوت ڪيائون؛ اورنگزيب جي دور ۾ جاٽن پنهنجن سردارن راجا رام ۽ رام چيرا جي اڳواڻيءَ ۾ نه فقط عام ماڻهن کي آزاريو، پر فتح پور سڪريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي مقبري کي به ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيائون، جنهن تي 1686ع ۾ اورنگزيب کين سيکت ڏيڻ لاءِ وڏو لشڪر موڪليو، پر جاٽن ان کي به شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو.

اورنگزيب جي وفات کان پوءِ مغليه حڪومت نهايت ڪمزور ٿي ويئي. ان موقعي جو فائدو وٺندي جاٽن جي سردار سورج مل، دهليءَ جي وچ واري علائقي ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ احمد شاهه ابداليءَ حملو ڪري جاٽن کي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دور ۾ پاڻيپٽ جي جنگ ۾ مرهٽن کي سخت شڪست آئي، جنهن کان پوءِ جاٽن جو زور گهٽجي ويو. ان سلسلي ۾ باقي رهيل ڪسر انگريزن ڪڍي ڇڏي، جن 1857ع ۾ دهليءَ تي قبضو ڪري جاٽن کي بيوس ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ رهندڙ جتن بابت ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته اهي جاٽ آهن، جيڪي سنڌ تي عربن جي فتح کان پوءِ عربستان ڏانهن هليا ويا هئا ۽ کين تاريخن ۾’زط‘ چيو ويو آهي. جڏهن ته ’جاٽ‘ برادري جو واسطو پنجاب جي اُترئين حصي سان آهي. سنڌ ۾ ’جت‘ هڪ جدا برادري آهي، جيڪا پنجاب جي ملتان واري پاسي، سنڌ ۽ بلوچستان جي رهندڙ آهي. اها برادري اُٺن جا وڳ ڌاريندي آهي. ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارا علائقا سندن رهائش گاهون آهن. انهيءَ نسبت سان اُٺن تي بار کڻندڙ يا اُٺ ڌاريـندڙ به جت سڏيا ويا. بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ رهندڙ هر قبيلي جا پنهنجا ’جت‘ هوندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ’جت‘).

ٿر جي تعلقي ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر جي ڪجهه حصن ۾ به ’جاٽ‘ رهن ٿا، جن جون نکون ڪلوريا، موندا ۽ سوراجان آهن. خيال آهي ته اها ذات گهڻو ڪري ٻين قومن ۽ شهري زندگيءَ کان پري رهڻ ڪري عام شهري ڪلچر کان غير واقف رهي آهي، انهيءَ ڪري ’ڄٽ‘ جو محاورو وجود ۾ آيو، جنهن جي معنيٰ آهي ’جاهل‘ يا اڻ ڄاڻ.





هن صفحي کي شيئر ڪريو