جاڙيجا

جاڙيجا: معنيٰ جاڙي جو اولاد، سنڌ، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سمن مان. ڇهين پيڙهيءَ ۾ ’اُڍو‘، اٺين پيڙهيءَ ۾ ’لاکيار‘ ۽ 1250ع ڌاري ’لاکو گرڙا‘ ٿي گذريا آهن. لاکي گرڙي کي اٺ پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’انڙ‘ هو، جنهن کي پنهنجي ٻن ڀائرن موڙ ۽ منهائي گڏجي قتل ڪيو هو. ان انڙ جي پٽ جو نالو ’تماچي‘ هو. تماچيءَ جي پٽ جو نالو ساند ۽ ساند جي پٽ جو نالو ’جاڙو‘ هو، ان جاڙي جي اولاد کي ’جاڙيجا‘ چون ٿا. انهن جا ڪيئي پاڙا ۽ نُکون اهن، جيئن: صاحب، کنگهار، هوٿي، ابڙا، آمر، ڀرمسي، موڪلسي وغيره آهن. انهن مان انجار گڍ جو جيسل جاڙيجو مشهور ڌاڙيل هو، جيڪو پوءِ ڌاڙا ڇڏي بندگي ڪري وڏو سنت، اولياءِ ٿي گذريو آهي، جنهن تي انجار شهر ۾ ميلو لڳندو آهي. ڄام کنگھار جاڙيجا خاندان جو اڳواڻ هو. هي جاڙيجا خالص سما آهن، باقي ٻين نسلن مان جاڙيجا سنڌ جا سما ۽ ملاح آهن.

جاڙيجا اصل ڪڇ مان آيل آهن، جيڪي هن وقت ٿر جي ڳوٺن- سونلٻهه، مالڻهور کاوڙيه وغيره ۾ رهن ٿا. جاڙيجا گهراڻي ۾ ڪيترائي حڪمران پيدا ٿيا ۽ انهن وچ ۾ ڪيتريون ننڍيون وڏيون جنگيون به ٿيون. هيٺ ڪجهه اهم حڪمرانن جو دؤر حڪومت پيش ڪجي ٿو:
ڪــڇ (Kutch)
دؤر حـڪومـت
پراگمل جي I 1698-1715
گوڙا جي I 1715-1719
ڏيسر جي I 1719-1752
لکپت جي 1752-1761
گوڙا جي II 1761-1778
رائڌڻ III (پهريون ڀيرو) 1778-1786
پرٿوي راج سنگهه 1786-1801
رائڌڻ III (ٻيو ڀيرو) 1801-1813
حسين مياڻ 1813-1814
ڀارمل جي II 1814-1819
ڏيسر جي II 1819-1860
پراگمل جي II 1860-1875
کنگهار جي III 1875-1942
وجئه جي 1942-1948
ميگهراج جي 1948
شاهه سائين جي رسالي جي سر ڏهر ۾ جاڙيجن جو ذڪر ٿيل آهي:

جـاڳـو جـاڙيـجـا! سمـا سک مَ سمهو،

پسو آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.



لفظ جاڙيجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو