جاگرافي

جـاگرافي1: انـسـان ۽ ڌرتـيءَ جـي وچ ۾ تعـلـق ۽ ڌرتيءَ بابت ڄاڻ جو نالو ’جاگرافي‘ آهي. هي ٻن يوناني (Greek) لفظن Geo + Graph (ڌرتي + ماپ) مان جڙيل آهي، جنهن کي ”ڀون- وگيان“ به چئبو آهي. هن مطالعي ۾ جاگرافيدانن پنهنجي علمي ميدان کي نه رڳو طبعي حالتن وارين تصويرن ۽ نقشن تائين محدود رکيو آهي پر ان کي ڏسي مشاهدن ۽ لاڳاپيل انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ مختلف عنصرن تي نظر رکن ٿا. خشڪي ۽ سامونڊي ورهاست، طبعي ۽ زميني ڪيفيت، پاڻي ۽ هوا، نباتات، حيوانات، معدنيات، زراعت، صنعت ۽ حرفت، آمد و رفت، ملڪي ڀاڱن ۽ فطري تبديلين جي سببن ۽ نتيجن تي پڻ نظر رکڻ سندن فرضن ۾ شامل آهي. پراڻي دور ۾ جاگرافيدان مختلف ملڪن جي خصوصيتن جي وضاحت ڪندا هئا، پر سندن اندازو فقط قياس آراين تي ٻڌل هوندو هو. پر وچئين دور ۾ ماهرن زمين جي مٿاڇري تي ڊگهو مفاصلو ماپي 1500ع کان نقشن ٺاهڻ واري فن جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ هن فن تمام گهڻي ترقي ڪئي. جاگرافي در حقيقت مشاهدي جو هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن سان ٽن قسمن جو مواد حاصل ٿئي ٿو. پهريون سائنس جي مزاج ۽ قاعدي جي ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو ٿئي ٿو. ٻيو هن وسيلي سان منظم سائنسي مضمونن جي پيش ڪيل تصويرن واري صحت جي جاچ ڪئي ويندي آهي. ٽيون، مخصوص جاين جي جدا جدا حالتن جو حقيقي تجزيو به ان ذريعي سان ئي سامهون اچي ٿو. جاگرافيءَ جو تعلق موسم، زمين، ساهوارن، نباتات، پيداوار، سياست، سماج کان سواءِ نفسيات ۽ فلسفي سان به آهي. جاگرافيائي انگن اکرن کي نقشن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ پئمائشي علم کان به مدد وٺڻي پوندي آهي. جاگرافيءَ جا ماهر انهن سمورن شعبن جي ماهرن کان ضرورت موجب مدد وٺن ٿا. بنيادي طور تي جاگرافيءَ جون رڳو ٻه شاخون آهن: هڪ طبعي جاگرافي، ٻي انساني جاگرافي.

(1) طبعي جاگرافي: هن ۾ ڌرتيءَ تي انسان جي طبعي ماحول جو جائزو ورتو ويندو آهي. ان ۾ زمين جي جوڙجڪ ۽ هيٺاهين مٿاهينءَ جي مطالعي کان سواءِ خشڪي، سامونڊي ۽ خلائي تبديلين جي سببن ۽ نتيجن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي، ان جو تفصيل هن ريت آهي:

(الف) زمين جي صورتحال، وڻن جا قسم، درياهه، برف سان ڍڪيل پهاڙ، چشما، ڍنڍون ۽ شاخون وغيره. انهن جي مطالعي کان سواءِ زمين جي مٿاڇري جي طبعي ۽ ڪيميائي عمل جو جائزو پڻ ضروري طور ورتو ويندو آهي.

(ب) آبهوا، گرمي، سردي، روشني، ٻاڦ، گدلاڻ، گهم، جهڙ، هوائن جي رفتار، برسات، برف باري ۽ طوفاني حالتن جي مجموعي ڪيفيت جو مشاهدو پڻ ٿيندو آهي.

(ج) خشڪي ۽ سامونڊي علائقن ۾ ٻوٽن ۽ حيوانن جي مخصوص ورهاست جو گڏيل ذڪر ڪيو ويندو آهي.

(د) انساني جاگرافي: انساني جاگرافيءَ کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ نظام شمسي، زمين جي حالت، ان جي شڪل وغيره تي روشني وڌي ويندي آهي. ٻئي حصي ۾ انسان جي رهڻي ڪهڻي، رسم رواج ۽ طور طريقا اچي وڃن ٿا. ٽئين حصي ۾ سياسي اصولن ۽ انهن جي ونڊ ورڇ جي باري ۾ بحث ڪيو ويندو آهي. چوٿين حصي ۾ معاشي حالتن ۽ مختلف ملڪن جي پيداواري حالتن تي بحث ٿيندو آهي ۽ پنجين حصي ۾ مذهبن جي ورهاست جي باري ۾ غور ويچار ٿيندو آهي.

هن ذريعي سان نه رڳو ڪاروبار ۽ جاگرافيائي ماحول واري تعلق جي وضاحت ڪئي ويندي آهي، بلڪ انسانن جي علائقائي اختلافن ۽ ٻين علائقائي لاڳاپن جو تجزيو به حاصل ٿئي ٿو.

(هه) معاشي جاگرافي: هن ذريعي زمين تي رهندڙ مختلف علائقن ۾ انساني زندگيءَ تي قدرتي ۽ هٿرادو ماحول وارن اثرن جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. هن جاگرافيءَ جون ٻيون به ڪي شاخون آهن. جيئن: زرعي جاگرافي، صنعتي جاگرافي، تجارتي جاگرافي ۽ تاريخي جاگرافي وغيره. ڌرتيءَ تي رهندڙ آباديءَ جي ورهاست کي ظاهر ڪندڙ خاڪي تي نظر ڪبي ته اڻبرابريءَ وارو پاسو گهڻو واضح ٿئي ٿو. ڪيترن علائقن جي آبادي في چورس ڪلوميٽر 10000 کان وڌيڪ آهي. ڪي وڏا علائقا بنهه غير آباد آهن. دنيا ۾ آباديءَ جي گهڻي تعداد جا ٻه اهم خطا ڏسجن ٿا. هڪ خطو يورپ جي الهندي ملڪن، رياست متحده آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي صنعتي ترقي جي علائقن تي ٻڌل آهي، ٻيو خطو ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارن حصن ۾ پکڙيل آهي. هتان جو اهم پيشو ۽ پيداواري ذريعو زراعت آهي. دنيا جي ڪيترن علائقن ۾ آباديءَ جي غير معمولي اضافي جو مسئلو اڄ مفڪرن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. صنعتي انقلاب بعد خاص ڪري گذريل اڌ صديءَ جي عرصي ۾ ته آبادي ايتري تيزيءَ سان وڌي آهي، جو سڀني جي زندگي متاثر ٿيڻ لڳي آهي. ان جا خراب اثر هر ماڻهوءَ تي پيا آهن.

تاريخي جاگرافي: هيءُ تاريخي دور جي طبعي ۽ انساني جاگرافي آهي. جيئن ته ڌرتيءَ تي خشڪي، سامونڊي ۽ هوائي حالتون هميشه هڪجهڙيون نه ٿيون رهن، جيئن جيئن وقت گذري ٿو، طبعي نظارن ۾ ڪجهه نه ڪجهه تبديلي ضرور ايندي رهي ٿي. آبهوا جي ڪيفيت ۽ زمين جي حالت به آهستي آهستي بدلبي رهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نباتاتي ۽ حيواني حالت به متاثر ٿيندي آهي ۽ انساني ڪاروبار ۾ به ڪافي تبديليون پيدا ٿين ٿيون.

حيواني جاگرافي: هن عنوان هيٺ هر هڪ ماحول ۾ پلجندڙ جدا جدا قدرتي ٻوٽن، وڻن، ولين، جيتن، پکين ۽ ساهوارن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. جيڪي ٻه وڏا گروهه ليکيا ويا آهن، انهن ۾ ٻوٽا ۽ حيوان شامل آهن.

زرعي جاگرافي: انساني زندگيءَ ۾ زراعت کي وڏي اهميت آهي. دنيا جي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو پنهنجي روزي زراعت مان حاصل ڪري ٿو. سنڌ جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو زراعت سان لاڳاپيل آهي. گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته زرعي جاگرافيءَ ۾ اهڙن ڌنڌن کي به شامل ڪيو وڃي، جن ۾ انسان شڪاري زندگي گذاري ٿو يا جهنگن ۾ طرح طرح جا ميوا گڏ ڪري زندگي بسر ڪري ٿو. يا چوپايو مال ڌاري ۽ انهن مان کير، مکڻ، پنير ۽ گوشت حاصل ڪري ٿو ۽ ان جو واپار به ڪري ٿو. بنيادي طور تي ڌرتيءَ تي فصلن جي ونڊ ورڇ ۽ پيداوار ۾ آبهوا، زمين جي هيٺاهين مٿاهين، مٽيءَ ۽ بناوٽ جو ڪافي عمل دخل آهي. زمين جي مختلف حصن ۾ فصلن جي ونڊ ورڇ جو ڪيترو مقدار آهي ۽ انهن جي ڪهڙي ترتيب آهي ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ انهيءَ علائقي جي سماجي ۽ معاشرتي لاڙن ۽ اتان جي تاريخ ۽ ماڻهن جو مزاج ڄاڻڻ ضروري آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جو معيار به فصلن جي جاگرافي، تقسيم ۽ پيداوار تي ڪافي اثر انداز ٿئي ٿو.

سياسي جاگرافي: ڌرتيءَ جو مٿاڇرو ڪيترن ئي ملڪن يعني سياسي وحدتن ۾ ورهايل آهي. اهي وحدتون گهڻي قدر هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ڪي وڏيون آهن، ڪي ننڍيون آهن. ڪن جي آبادي گهٽ آهي ته ڪن جي آبادي گهڻي آهي. ڪي امير آهن ته ڪي غريب. ڪي خودمختيار رياستون آهن ته ڪي وري محڪوم. سياسي جاگرافيءَ جو ڪم اهو آهي ته انهن رشتن ۽ لاڳاپن جو مطالعو ڪري، جيڪي رياستن جي وچ ۾ موجود هجن.

صنعتي جاگرافي: هيءُ شعبو معاشي جاگرافيءَ سان ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ زمين مان حاصل ٿيندڙ معدني پيداوار ۽ ان جي استعمال جا مسئلا شامل آهن. ڪنهن به ملڪ جي صنعتي جاگرافيءَ جي اهميت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، ڇو ته ان جو لاڳاپو فقط صنعت سان ناهي هوندو، پر ملڪ جي خارجي معاملن، سياسي مسئلن، آمدني روانگي سان پڻ هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ملڪ جي وجود جي مراد به صنعتي جاگرافي آهي.


جاگرافيءَ جو اصطلاح: پهريائين بطليموس جي تصنيفن لاءِ عنوان طور استعمال ٿيو. جنهن جو عربيءَ ۾ ترجمو ’صورة الارض‘ جي نالي سان ڪيو ويو، تنهنڪري پوين جاگرافي نويسن به پنهنجي تصنيفن جو اهو ئي عنوان رکيو. المسعودي هن اصطلاح جي تشريح ’قطع الارض‘ جي نالي سان ڪئي، جنهن جي معنيٰ آهي ڌرتيءَ جي پکيڙ ۽ ماپ. ان کان پوءِ اهو اصطلاح ’رسائل اخوان الصفا‘ ۾ ’عالم دنيا جي نقشي‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو. عربن وٽ جاگرافيءَ جو علم جدا جدا عنوانن ۾ ورهايل هو. جيئن ته ڪتاب البُلدان صورة الارض، المسالڪ والممالڪ. سروين جي خيال ۾ ’المسالڪ‘ هڪ اهڙو علم آهي، جنهن جو تعلق ڳوٺن ۽ شهرن جي ماڳن متعين ڪرڻ سان آهي. المقدسي ’احسان التقاسيم في معرفت الاقاليم‘ ۾ جاگرافيءَ جي گهڻن پاسن تي بحث ڪيو آهي. عباسي دور جي شروع ۾ عربن کي جاگرافيءَ جي علم ۾ وسيع معلومات ملي. ايران، مصر ۽ سنڌ جي فتحن کان پوءِ کين هڪ طرف قديم تهذيبن جي وارثن جي علمي ۽ ثقافتي سرمائي کان واقفيت ملي ته ٻئي پاسي انهن ملڪن جا علمي مرڪز ۽ درسگاهون سندن قبضي ۾ آيون. اهڙي طرح خليفي ابو منصور (135هه/753ع) جي دور کان وٺي هندي، يوناني ۽ ايراني ٻولين جو جاگرافيءَ متعلق علمي خزانو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو.

ان دور کان وٺي زمين ۽ آسمان بابت جيڪي جاگرافيائي تصور قديم قومن ۾ هلندڙ هئا، اهي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. اهڙيءَ طرح مشاهدن ۽ تجربن جو دور شروع ٿيو. مثال طور آريه ڀٽ جو نظريو هو ته آسمانن جي گردش فقط ظاهري آهي، زمين تي خشڪي ۽ پاڻيءَ جو مقدار اڌو اڌ آهي. خشڪي جيڪا ڪڇونءَ وانگر آهي، سا هر طرف کان پاڻيءَ ۾ گهيريل آهي ۽ ان جي شڪل بال وانگر آهي، جنهن جي اوچائي وارو هنڌ ميرو جبل هڪ خيالي پهاڙ آهي، جيڪو قطب تاري هيٺان آهي. ڌرتيءَ جو فقط اڌ حصو آبادي آهي، جنهن جون حدون هن طرح آهن: اوڀر ۾ چمڪوٽ ۽ اولهه ۾ روم. هندستاني پنهنجي ڊگهائي ڦاڪ جو حساب لنڪا کان لڳائيندا هئا. سندن خيال موجب سج ’آجين‘ کان گذري ٿو. عربن به اهو خيال ورتو ته سلون زمين جو قبو آهي. پر پوءِ هن ’اجين‘ کي حيثيت ڏني.

عربن گهڻا جاگرافيائي تصور ۽ روايتون ايرانين کان ورتيون. انهن ۾ هفت ڪشور (هفت/اقليم) جو تصور نهايت اهم آهي، جنهن مطابق سڄي دنيا ستن هڪ جهڙن دائرن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن مان هر هڪ دائري کي هڪ ولايت/ ملڪ جي حيثيت حاصل آهي. اها ورهاست اهڙيءَ طرح هئي، جو چورس دائرو وچ ۾ هو ۽ باقي ڇهه ولايتون ان جي چوطرف هونديون هيون. انهيءَ وچ واري دائري ۾ ايران جو شهر به شامل هو. ڊگهي عرصي تائين عرب جاگرافيدانن تي انهيءَ نظام جو اثر رهيو.

قرون وسطي (وچئين دور) ۾ يونانين جا جاگرافيائي علم ۽ هيئت عربن وٽ يوناني يا سرياني ٻولين وسيلي پهتا. جنهن جي شروعات بطليموس ۽ ٻين فلڪيات جي ڪتابن کان ٿي. المسعودي، بطليموس هڪ نسخي جو مطالعو ڪيو هو ۽ ان جو ٺاهيل دنيا جو نقشو ڏٺو هو.

يوناني فلڪيات جي ماهرن جي ڪتابن جو جڏهن عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته ان مان عربن جي نظرين، تصورن ۽ فلڪياتي تجربن جي نتيجن جي شڪل ۾ ڪافي مواد ميسر ٿيو. جنهنڪري عربي جاگرافي نويسيءَ جي لاءِ علمي بنيادن تي ترقي ڪرڻ ۾ آساني ٿي.

ٻي صدي هجري (اٺين صدي عيسوي) کان وٺي پنجين صدي هجري (11 صدي عيسوي) تائين عرب عالمن، يوناني تصنيفن جي وسيلي ڪن عام موضوعن جهڙوڪ: وير جي لهڻ ۽ چڙهڻ، پهاڙن جي خصوصي نوعيت، رياضتي، طبعي ۽ انساني جاگرافين تي بحث ڪرڻ جي روايت قائم ڪري ڇڏي. ان جا مثال ابن رسته، اليعقوبي، المسعودي ۽ ابن حوقل جي تصنيفن مان ملن ٿا.

ابن خردازبھ، اليعقوبي ۽ قدامھ جي خصوصيت اها آهي جو هنن دنيا کي چئن حصن ۾ ورڇي، پنهنجي مواد جي ترتيب ۽ تشريح کي چئن طرفن ۾ رکيو آهي. يعني اڀرندو، الهندو، اُتر ۽ ڏکڻ. انهيءَ طريقي جي ورڇ جو ضرور ڪو آڳاٽو نمونو هوندو. جنهن جي تقليد ڪئي وئي آهي.

قديم زماني کان ئي عرب المسعودي اوڀر (هند ۽ چين) جي وچ ۾ تجارتي سفر ڪندا هئا. سياسي خلافت جي دور ۾ بصري ۽ ڪوفي جي بندر گاهن پڻ ڪافي ترقي ڪئي. عربن جهاز رانيءَ جي ترقيءَ سان گڏ تجارت ۾ پڻ ترقي آندي، سندن تجارت جو دائرو نه صرف وسيع ٿيو، پر انهيءَ ۾ ٻڌي پڻ آئي. هنن انڊمان ۽ نڪوريا ٻيٽن جي نيم وحشي قبيلن سان به تجارتي معاهدا ڪيا. تجارت ۽ سياحت پڻ جاگرافيءَ جا اهم بنياد بڻيا.

ڇهين صدي هجري (12 هين صدي عيسوي) کان وٺي 1 صدي هجريءَ (ڇهين صدي عيسوي) تائين عرب جاگرافي مسلسل تنزل جو شڪار رهي. ان دور ۾ تصنيفن جو معيار پڻ ڪريل نظر اچي ٿو. موضوع جي باري ۾ علمي ۽ تنقيدي رويو اختيار ڪري ۽ معلومات جي صحت تي توجهه ڏيڻ بدران گذريل زماني جي جاگرافي، نظرياتي ۽ روايتي معلومات کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جو مسئلو سامهون ايندو رهيو. اهو دور دراصل جاگرافيائي معلومات کي گڏ ڪرڻ جو دور سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ دور کي اٺن عنوانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

1- عـالمـي جـاگـرافـيءَ جـون حـالتـون، (2) ڪائنات سان لاڳاپيل تصنيـفــون، (3) مقدس جاين جون زيارتون، (4) جاگرافيائي لغت ۽ اصطلاح، (5) سفرناما، (6) ملاحي ادب، (7) فلڪياتي ادب، (8) علائقائي جاگرافيائي ادب.

1- عالمي جاگرافي: سٺي دنيا کي مجموعي طور بيان ڪرڻ ۾ جيڪي ڪلاسيڪي روايتون جاگرافيدانن بيان ڪيون هيون، تن کي عالمي جاگرافي يا ڪائناتي جاگرافيءَ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. جهڙوڪ: ڪائنات جو وجود ۾ اچڻ، جنهن ۾ چنڊ تارن، سيارن، زمين ۽ ٻين عنصرن جو بيان به اچي وڃي ٿو.

2- ڪائناتي جاگرافيءَ بابت تصنيفون: هن موضوع هيٺ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي ڪائنات، پيدائش واري عمل ۽ فلڪيات وغيره سان تعلق رکن ٿا.

3- زيارتي ادب: هن دؤر جي خصوصيت اها آهي، جو زيارتن ۽ مذهبي اهميت وارن شهرن متعلق ڪتاب لکيا ويا. انهن ۾ اسلام جي مقدس هنڌن جي اولياءُ الله ۽ صوفين جي ذڪر سان گڏ ڪيترن ديني مدرسن جو احوال به شامل ڪيو ويو آهي. اهي ڪتاب دراصل حج جي پانڌيئڙن ۽ زائرين لاءِ رهنما جي حيثيت رکندڙ آهن.

4- جاگرافيائي لغت: عربيءَ ۾ جاگرافيائي ادب جي سلسلي ۾ ’مُعجم البلدان‘ نهايت مفيد ڪتاب آهي، جيڪو ڄڻ ته جاگرافيائي لغت آهي. جنهن ۾ تاريخي ۽ عمراني معلومات به ڏني وئي آهي. انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ ياقوت، عربن جي جاگرافيائي نظرين ۽ تصورن تي نهايت قيمتي معلومات ڏني آهي.

5- سياحت ناما/ سفرناما: هن دؤر ۾ عربي زبان جي سفرنامن مختلف علائقن جي جاگرافيءَ ۾ اضافو ڪيو آهي. سفر جي ڄاڻ ڏيندڙ علم اسباب مثلاً: بيت الله'>حج بيت الله، اسلامي تبليغ ۽ سياسي لحاظ کان اسلامي حدن ۾ اضافي سان (خاص ڪري اوڀر ۾) مسلمانن لاءِ سياحت ۽ روزگار جي ڳولا لاءِ ڄڻ ته راهون کلي ويون. انهيءَ سلسلي ۾ تمام گهڻا سفرناما لکيا ويا. جن مان وچئين دؤر ۾ ابن بطوطه جو عربي سفرنامو قابل قدر آهي. جنهن ۾ سنڌ، هند، ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي ڪن علائقن جو احوال شامل آهي.

(6) ملاحي جاگرافي: هن عنوان جو مقصد درياهي ۽ سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ پيشور ملاحن جي جياپي لاءِ جاکوڙ، سامونڊي سفر، غورابن ۽ ٻيڙن ذريعي هڪڙي ملڪ مان واپار جو مال کڻي ٻين ملڪن ۾ رسائڻ آهي. اهڙن ٻيِڙيائتن جي سڄي زندگي حادثن ۽ بيماريءَ جي واقعن سان ڀريل هوندي آهي. اهي نه فقط دلچسپ هوندا آهن، پر نصيحت آموز به هوندا آهن، تنهن ڪري ٻيڙياتن جي جدوجهد کي به ملاحي جاگرافيءَ جو اهم حصو ڪري ليکيو ويو آهي.

(7) فلڪياتي ادب: هن عنوان هيٺ آيل مشاهدن ۽ تجربن کي جاگرافيءَ جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته آسمان، سج چنڊ تارن ۽ گرهڻن وغيره جو به جاگرافيءَ سان واسطو آهي. هن علم جي ابتدا بطلسموس کان ٿئي ٿي، جنهن جي نظريي تي ڪن صدين تائين اتفاق رهندو آيو.

(8) علائقائي جاگرافيائي ادب: هر هڪ ملڪ، علائقي، صوبي، ضلعي يا تعلقي جي زمين، ان تي رهندڙ ساهوارا، آبهوا ۽ ٻوليون وغيره جدا جدا هونديون آهن، تنهنڪري ڪنهن به ملڪ جي جاگرافيائيءَ حالت ايستائين مڪمل نه ليکبي، جيستائين علائقائي سرزمين جو مشاهدو نه ڪبو.





لفظ جاگرافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو