جاڳو

جاڳو (اخبار ):ڪراچيءَ مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار، جنهن جو 1991ع ۾ سنڌ جي ڪن سڄڻن ڀائيواريءَ سان بنياد وڌو، جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، سراج الحق ميمڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ زميندار غلام قادر پليجو شامل هئا، غلام قادر پليجي جو وڌيڪ حصو هو ۽ اخبار کي ان سنڀاليو، اخبار جو باني ايڊيٽر فقير محمد لاشاري هـو. هيءَ اخبار ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ باهه جو گولو ٿي اُٿـي. خـاص ڪـري ف. م. لاشاريءَ جي ايڊيٽوريلن ملڪ جي اختياري وارن جون نـنـڊون حـرام ڪري ڇڏيون. سخت ٻولي لکڻ تي ايـڊيٽر کي ڌمڪايو به ويو. اشتهار بند ڪيا ويا، پر هن اخبار سماج جي پٺتي پيل قدرن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ اسيمبلين ۾ چونڊجي آيل نمائندن کي به ذميواريءَ جو احساس ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اخبار جي باني ايڊيٽر ف. م لاشاريءَ جي اوچتو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ اخبار کي رُڪ سنڌي، آغا سليم، صحبت ٻرڙو ۽ ٻيا ايڊيٽر مليا، جن جي دؤر ۾ به هن اخبار قومي مسئلن بابت پاڻ ملهايو. 99-1998ع واري دؤرِ حڪومت ۾ هن اخبار ملڪ جي تڪراري مامرن ’ڪالاباغ ڊئم‘، ’ڪارگل معاملي‘، ’سي. ٽي. بي. ٽي معاملي‘ ۽ ’ناڻي واري ٺاهه‘ تي چِٽو ۽ ڀرپور موقف رکيو، جنهن جي پاداش ۾ تڏهوڪي سرڪار هن اخبار جا اشتهار بند ڪري ڇڏيا، جنهنڪري اخبار ۽ عملي کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ان بعد اخبار 8 صفحن بجاءِ 4 صفحن تي ڇپجڻ لڳي ۽ مالي خساري سبب فبروري 2000ع کان هيءَ اخبار ڊمي طور ڇپي ۽ اڳتي هلي بند ٿي وئي.



لفظ جاڳوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو