جاڻ وکر

جاڻ وکر

جاڻ

جاڻ: پسارڪي وکر جاڻ جو انگريزي نالو Ajwan ۽ سائنسي نالو Carum Copticum اٿس. جاڻ جو اصل وطن مصر آهي، جتان هيءُ فصل دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پکڙيو، جنهن ۾ هندستان ۽ پاڪستان به اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ هن جي پوک محدود ايراضيءَ تي ٿئي ٿي. ڀاڄين جي ٻنن ۽ باغن ۾ هن جو ٻج پوکيو ويندو آهي. جاڻ جو ٻج دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هن فصل کي سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي ۽ ربيع جي موسم ۾ پوکيو ويندو آهي.


خاصيت: طبيبن موجب جاڻ پيشاب جاري ڪندڙ آهي. زهرن ۾ ترياق جو ڪم ڏئي ٿي. وائي بادي کي ختم ڪري ٿي. جگر ۽ سيني جي سور، بدهاضمي پٿري، پراڻي تپ لاءِ حڪيم استعمال ڪندا آهن.


لفظ جاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو