جبو

جبو

جبو

جُبو 1: لباس جو هڪ حصو. شلوار قميص جي مٿان پائڻ جو هڪ لبادو آهي. جنهن کي آڳاٽي سنڌيءَ ۾ ’فرغل‘ يا ’ڦڙڪو‘ چوندا هئا. خليفي هارون رشيد کان اڳ به شرفا ۽ وقت جا وڏا امير رنگين ريشمي ڪپڙا پائيندا هئا. پر خليفو هارون رشيد کليل جُبا، نقش نگار وارا ۽ ريشمي چادرن جي گوڏ پائيندو هو. ڪپڙي جي اڻاوت ۽ ڪورڪي ڪم جا ڪارخانا مصر، ڪوفي ۽ سوس ۾ هئا. سوس ۾ ٺهندڙ ريشمي ڪپڙو سُوسي جي نالي سان مشهور هو. شريفن ۽ بزرگن جي لباس ۾ پاجامو ويڪرو پهراڻ، قبا ۽ عبا شامل هوندا هئا. مٿي تي عمامو يا پڳڙي ٻڌندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪلهن تي دُشالو به رکندا هئا. خليفا ٽوپي مٿي تي رکندا هئا، جنهن جي اندران ريشمي نرم رومال هوندو هو. مصر ۾ 19 صديءَ جي آخر تائين عوام جو لباس سادو هوندو هو ۽ اڪثر ماڻهو سوڙهو پاجامو، نيري ململ يا ٿلهي سُٽ جي قميص ۽ ڊگهو جُبو پائيندا هئا. جُبو ڳلي کان وٺي ڇاتيءَ تائين کليل رهندو هو. سنڌ ۾ عالم، استاد ۽ درويش اڇي، سائي، يا ڪاري رنگ جو جبو پائيندا هئا. اڄ ڏينهن تائين اهو رواج هلندو اچي ٿو.





لفظ جبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو