جراره

جراره/ جرارو وڇون: هي وڇون فقط ڪاڇي جي جابلو ايراضيءَ ۽ لاڙ جي ڪن علائقن ۾ ٿيندو آهي. هي خطرناڪ قسم جو وڇون آهي ۽ تقريباً پنج انچ ڊگهو هوندو آهي. زمين تي پڇ گهلي هلندو آهي. هن وڇونءَ جي ڏنگ ۾ اهڙو تيز زهر هوندو آهي، جو جنهن ماڻهوءَ کي ڏنگ لڳندو آهي، اهو پنجن ستن منٽن ۾ مري ويندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو