جربوشو

جربوشو: هي پوشاڪ جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ بلوچ قبيلا خاص ڪري اها پوشاڪ ڪنوار لاءِ جوڙيندا آهن. گهوٽ پاران پڙي ۾ ’جربوشو‘ لازمي آندو ويندو آهي ۽ ڪنوار کي وهانءَ رات اسر ويل پارائيندا آهن ۽ اهو نيکيٽيءَ کان پوءِ گهوٽيتن ۾ وڃي تبديل ڪيو ويندو آهي. جربوشي ۾ سٿڻ ڳاڙهي، پيلي يا سائي تندن واري سوسيءَ جي ٿئي. سٿڻ کي عورتون سبڻ وقت ڪينچي ڪو نه وجهن. پانچا رڳو ڪاري ۽ سائي ڌاڳي سان مڙهين. ڪنجرد کي پٺيءَ کان ڪشا ٿين. ٻانهون ٺونٺ کان مٿي ۽ دامن گوڏن تائين ٿئي. ڳچيءَ کان سڌو چيريل ۽ گلي وٽان سائو ڪپڙو اڳيان گج وانگر لڳل ٿئي، جنهن تي ڳاڙهي سُٽَ يا ريشم سان ٽانڪن تي ڀرت ڀريل ٿئي. ڪڙا ٻيڙا ڪو نه ٿين، رڳو اڳيان ڳاٽيءَ وٽان ڪشا ٿين. ڪنجري جو رنگ ڳاڙهو حلواڻ جهڙو ٿئي. مٿي تي اوڍڻ لاءِ بافتي يا هرک جو ٻانڌڻو ٿئي. ٻانڌڻي تي مُهڙ کان پائوليون يا ڇمڪڻيون لڳل ٿين. جربوشي سان گڏ ٽؤنئرن واريون چوٽيون ٿين. جربوشي ۾ اڳٺ جي جاءِ تي سيج جي پٽي ڦاڙي اها ابداڻي ۾ وجهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو