جرمني

جرمني

جرمني

جرمني (Germany ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو وفاقي جمهوريه جرمني (Fedral Republic of Germany) آهي، جنهن جو پراڻو نالو اليمان ۽ پرشيا هو. جرمانڪ (Germanic) قبيلن جي مناسبت سان هن کي جرمنيءَ جو نالو ڏنو ويو. هي وچ اتر يورپ جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ اتر سمنڊ، ڊينمارڪ ۽ بالٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ پولينڊ ۽ چيڪ جمهوريه، ڏکڻ ۾ آسٽريا ۽ سوئزرلينڊ، اولهه ۾ فرانس، لڪسمبرگ، بيلجيم ۽ هالينڊ آهن. جرمنيءَ جي ڪل پکيڙ 357868 چورس ڪلوميٽر (138136 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک 81 هزار آهي. جرمنيءَ جي گاديءَ جو هنڌ برلن (Berlin) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ زوگ اسپٽز (Zngspitze) (بلندي: 2963 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي جرمني آهي، جڏهن ته هتي ترڪش ۽ اٽالين ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. پهرين جنگ عظيم جي نتيجي ۾ هي ملڪ ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو هو. ڊنمارڪ، بيلجيم ۽ ڊان زگ کي آزاد رياست بڻائي، جمهوريت قائم ڪئي وئي. سياسي ۽ معاشي لحاظ کان ملڪ جي حالت افسوسناڪ ٿي وئي. جرمن سڪي جي ڪا به قيمت باقي نه رهي ۽ جنگ جو ڏنڊ ادا ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ سبب فرانس ڪجهه علائقن تي قبضو ڪري ورتو. 1923ع ۾ جڏهن گستاو اسٽرس مين (Gustav strese man) چانسلر ٿيو ته حالتون سڌرڻ لڳيون. سڪي جي اصلاح بعد لوڪارنو معاهدي (Pact of locarno) تي صحيحون ٿيون ۽ قومن جي تنظيم ۾ جرمنيءَ کي شامل ڪيو ويو. آڪٽوبر 1929ع تي اسٽرس مين جي مرڻ بعد وري حالتن ۾ ابتري اچڻ لڳي، ٻين ملڪن وانگر جرمني به سرد بازاري (Depression) جو شڪار ٿيو. جنهنڪري اڊولف هٽلر جي سربراهيءَ ۾ نازي (Nazi) جماعت طاقتور ٿي وئي. نازي پارٽي آهستي آهستي طاقت حاصل ڪندي رهي، تان جو 1933ع جي چونڊ ۾ هٽلر کي چانسلر مقرر ڪيو ويو. ان بعد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تربيت ڪئي وئي. پرڏيهي پاليسيءَ ذريعي هٽلر جرمنيءَ کي معاهدي جي پابندين کان آزاد ڪرايو. 1933ع ۾ هن قومن جي انجمن کان علحدگي اختيار ڪئي. 1934ع ۾ هٽلر پولينڊ سان هڪ دوستاڻو معاهدو ڪيو. 1935ع ۾ انگلستان سان جهاز رانيءَ جو معاهدو ٿيو. مارچ 1938ع ۽ 1939ع ۾ جرمنيءَ کان کسيل حصا هٽلر وري حاصل ڪري ورتا. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي هٽلر پولينڊ تي حملو ڪيو. اوڀر ۽ اولهه محاذن تي هڪ ئي وقت لڙائيءَ کان بچڻ لاءِ هٽلر روس سان معاهدو ڪيو. روس کي پولينڊ جي اوڀارين حصي تي قبضي ڪرڻ جو موقعو مليو، برطانيا ۽ فرانس پولينڊ جي حمايت ۾ جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. جون 1940ع ۾ اٽليءَ جرمنيءَ جي حمايت ۾ فرانس ۽ برطانيا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. جرمن فوج تيزيءَ سان پيش قدمي ڪندي يورپ جا ڪيترائي ملڪ فتح ڪري ورتا. برطانيا تي پڻ سخت بمباري ڪئي وئي. اولهائين محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ بعد هٽلر روس تي حملي آور ٿيو. روسين سخت مقابلي کان پوءِ جرمن فوج کي اسٽالن گراڊ تي روڪيو. ان وقت جرمنيءَ جي مقابلي واري قوت آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي وئي. آخرڪار جون 1944ع تي برطانوي ۽ آمريڪي فوجن گڏجي سال جي آخر ۾ جرمنيءَ تي حملو ڪيو. مارچ 1945ع ۾ روسي فوج اوڀرندي طرف کان اڳتي وڌندي جرمنيءَ ۾ داخل ٿي وئي. هٽلر پنهنجي شڪست جا مڪمل امڪان ڏسي خودڪشي ڪري ڇڏي. 7 مئي 1945ع ۾ جرمنيءَ جي غير مشروط هٿيار ڇڏڻ سبب يورپ ۾ جنگ جو خاتمو ٿي ويو. اتحادي فوجين جرمنيءَ کي ورهائي اوڀر جرمنيءَ کي روس جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ۽ الهندو اڌ آمريڪا پنهنجي قبضي ۾ رکيو. 1955ع ۾ انهن ملڪن ڏهن سالن وارو قبضو ختم ڪيو ۽ جرمن، وفاقي جمهوريه (German Federal Republic) اتر اٽلانٽڪ جي معاهدي واري تنظيم (Nato) ۾ شامل ٿي ويو.
جرمنيءَ جي موسم نهايت خوشگوار ۽ سرد رهي ٿي. اترين علائقن ۾ شديد سردي ۽ ڏکڻ وارا علائقا نيم گرم رهن ٿا. برف گهڻي پوي ٿي. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪڻڪ، جَوَ، پٽاٽا، بيٽ، جوَ، سرنهن، بند گوبي، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن ۽ ٻي پيداوار ۾ اليڪٽرانڪس، ڪيميائي شيون، سيمنٽ، ڪمپيوٽر، ڪپڙو ۽ پرنٽنگ اچي وڃي ٿي. جرمني وفاقي جمهوريه آهي، جتي پارلياماني جمهوري نظام رائج آهي. جرمني جي متحد ٿيڻ جو ڏينهن 3 آڪٽوبر 1990ع آهي ۽ سندس گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ پڻ 3 آڪٽوبر 1990ع کان ئي آهي .


لفظ جرمنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو