جرياڙ

جرياڙ: هيءُ ماڳ کجور واهيءَ جي ڀر ۾ (ديهه باٺارو ڪرچات، تپو ٿاڻو عارب خان) ڳوٺ مقبول برفت کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع آهي. ماڳ ٻن حصن ۾ آهي. پر ان جي بيهڪ ڪجهه اهڙي آهي جو يڪو هڪ ماڳ محسوس ٿئي ٿو. سهولت خاطر ان کي ٻن ماڳن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. جرياڙ -1 ۽ جرياڙ-2 انهن جي مجموعي ڊيگهه ويڪر لڳ ڀڳ 150x3000 ميٽر آهي، جنهن جي هڪ حصي ۾ قبرستان آهي. ٻئي ماڳ پاڻ ۾ ڳنڍيل ضرور آهن پر چئي نٿو سگهجي ته ٻئي هڪ ئي زماني جا آهن يا نه. هيءُ پٿر جي ڪنهن زماني ۾ اوزارن جو وڏو ورڪشاپ هو ۽ هتان آمريءَ جي دور جون ٺڪريون به مليون آهن.


لفظ جرياڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو