جعفري

جعفري: جعفري، حضرت علي عليه السّلام جي وڏي ڀاءُ جعفر طيار جي اولاد ۽ هاشمي قبيلي مان آهن. هيءَ روايت به موجود آهي ته جعفري فرقو حضرت علي عليه السلام جي تڙ پوٽي حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي اولاد مان آهي. امام جعفر صادق عليه السلام جي فقھ کي اهل تشيعت مڃيندا آهن. جنهنڪري ان کي ’فقھ جعفريه‘ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر جو تخلص به ’جعفري‘ هو .


لفظ جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو