جمالو

جمالو: هيءُ سنڌ جو مشهور لوڪ گيت آهي، جنهن جي ڳائڻ تي سنڌيءَ جو روايتي ۽ ثقافتي ناچ ٿيندو آهي. هن کي جمالو ناچ به چوندا آهن. هميشه هن گيت جي چوڻ وقت هڪ ڄڻو جمالو گيت ڳائيندو آهي ۽ ٻيا سندس پويان گيت جو پهريون بند ’هو جمالو‘ ورجائيندا ويندا آهن ۽ دهل جي آواز تي مترنم انداز سان تاڙيون وڄائيندا ناچ ڪندا ويندا آهن. هن لوڪ گيت لاءِ عام طور تمام گهڻيون روايتون مشهور آهن، جيئن ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب ته: ”جمالو آڳاٽي وقت ۾ ڪو ڪوپو، اڙٻنگ شخص هو، جيڪو گهر کان ٻاهر ويل هو، جنهن جي موٽي اچڻ تي خوشيءَ ۾ سندس ئي نالي سان گيت ڳايائون، جنهن بعد ان لوڪ گيت کي پذيرائي ملي.“ اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب ته: ”هيءُ لوڪ گيت هميشه خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت جا مضمون جمالي جو جدا ٿيڻ، سندس وڇوڙي تي افسوس، جمالي جو موٽي اچڻ ۽ سندس اچڻ تي خوشي ۽ سندس ڳڻن جو تذڪرو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته ’جمالو‘ نالي هڪ شخص هو، جيڪو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ڪي سال لاڙ وڃي رهيو ۽ جتن سان گڏ گذاريائين ۽ جڏهن ڪجهه عرصي بعد موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ ۽ حب وارن ناچ ڪيا ۽ سندس نالي سان گيت به ڳايائون ۽ پوءِ اهو گيت اڳتي هلي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهم وٿ بڻجي پيو“. جيئن ته جمالو لوڪ گيت آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جي مصرعن جو تعداد اڻ ڳڻيو ۽ مختلف هنڌن تي مختلف شين ۽ شبيهن تي ٻڌل هوندو آهي، پر هڪ ڳالهه ته هن گيت جو موضوع هڪ آهي ۽ هيٺ ڏنل سٽون اڪثر ڪري هڪ ئي پيرايي ۽ ساڳئي نموني ۾ سنڌ جي هر هڪ علائقي ۾ ساڳيءَ طرح مروج آهن ۽ ادا ڪيون وڃن ٿيون، باقي پوءِ وقت گذرڻ سان هن گيت ۾ واڌارا ٿيندا رهيا آهن:
منهنجو جمالو جتن سان ..... هو جمالو!
منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏانهن... هو جمالو !
منهنجو کٽي آيو خير سان.... هو جمالو !
اهڙيءَ ريت جمالي گيت ۾ ’جمالي‘ جي سونهن، ڏندن، چپن، اکين، پڳ، منڊيءَ، لڪڻ ۽ جتيءَ وغيره جي تعريف واريون مصرعون به سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. باقي هن گيت ۾ ماضي قريب جا ڪي اهڃاڻ به ملن ٿا ’منهنجو سکر واري پل تي‘ يا ڪي اهڙيون ٻيون مصرعون وقت سر وڌنديون رهن ٿيون، جيڪي سماجي تبديليءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون. ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته جمالو سنڌ جي ثقافت جو اهم اهڃاڻ آهي.


لفظ جمالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو