جمرة

جمرة: عربي ٻوليءَ ۾ جمرة پهڻي يا پٿريءَ کي چوندا آهن. صبح جي موقعي تي حاجي عرفات کان موٽندي منزل ڪندا، هن هنڌ تان پٿريون کڻندا آهن ۽ ٻن ٿنڀن ۽ هڪڙي ديوار کي هڻندا آهن، انهن ٿنڀن ۽ ديوار کي عام ماڻهو شيطان يا ابليس چوندا آهن. حج ادا ڪندڙ سڀئي حاجي اها رسم ادا ڪندا آهن.
”10 ذوالحج تي، عيد جي قربانيءَ کان اڳ هر هڪ حاجيءَ کي ست ست پٿريون جمرة العقبي تي اڇلڻيون پونديون آهن. 11 تاريخ تي وچينءَ جي وقت هر هڪ جمرة اوليٰ کان شروع ڪري جمرة العقبيٰ تائين ست ست پٿريون هڻندا آهن. اهڙيءَ طرح 12 تاريخ تي به اهو عمل دهرائيندا آهن. پٿريون دستور موجب مزدلفه مان آڻڻيون پونديون آهن. هر هڪ پٿري کجيءَ جي ککڙي جي ماپ جيتري کڻندا آهن. پٿري هڻڻ وقت ”بسم الله، الله اڪبر“ چوندا آهن. فقيهن جي خيال موجب پٿريون هڻڻ سان دشمنيءَ جو اظهار ڪجي ٿو. الجمرة کي پٿريون هڻڻ دراصل شيطان کي مارڻ آهي .


لفظ جمرةھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو